Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

گهرجي، هميشه ٻين جي راحت جو سامان ڪرڻ گھرجي۔ ڪروڙين حنفين جي امام حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو حال ته اهو هو جو بي خيالي ۾   ڪنهن کي تڪليف پهچندي هئي ته خوف سبب بي هوش ٿي ويندا هئا، جڏهن ته اسان ٻين کي ڄاڻي واڻي تڪليف ڏيون ٿيون ۽ ٿورو به نٿيون ڊڄون۔ اچو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ٻين کي تڪليف کان بچائڻ جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿيون:

پهريان دل صاف ڪريو!

شيخِ طريقت،امير اهلسُنَّت باني دعوت ِاسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”لڙڪن جي برسات“ صفحي 14 تي هڪ حڪايت نقل ڪن ٿا: حَضْرتِ سيدُنا امام فَخرُ الدِّين رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) پنهنجي هڪ (غير مسلم) مَقروض (يعني جنهن کي قرض ڏنو وڃي) کان قَرض وٺڻ  جي لاءِ ان جي گهر تشريف وٺي ويا، اِتّفاق سان اُن جي گھر جي ويجھو سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي   جُوتي تي گپ لڳي وئي، گپ صاف ڪرڻ لاءِ جُتي کي ڇنڊيائون ته ڪجھ گپ وڃي ان جي ديوار تي لڳي، (اهو ڏسي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي خوفِ خدا جو اهڙو غلبو ٿيو جو پاڻ) پريشان ٿي ويا ته هاڻي ڇا ڪيان! ديوار تان جيڪڏهن گپ صاف ڪندس ته ديوار جي مِٽي به لهي ويندي ۽ جيڪڏهن صاف نه ڪندس ته ديوار خراب ٿي ويندي۔ انهيءَ سوچ و ويڄار ۾ امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دروازو کڙڪايو، ان شخص ٻاهر نڪري جڏهن امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) کي ڏٺو (ته سمجھيائين شايد امام صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مون کان قرض وٺڻ آيو آهي) ته اُن قَرض جي اَدائيگي جي سلسلي ۾ بهاني بازي شُروع ڪري ڏني۔ امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) قَرض وٺڻ جي بدران ديوار تي گپ لڳڻ جي ڳالھ ٻڌائي نهايت ئي عاجزي سان ان کان مُعافي گھرندي اِرْشاد فرمايائون: مون کي اهو ٻڌايو ته اوهان جي ديوار ڪهڙي طرح صاف ڪيان؟ اهو غير مسلم امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) جي حُقُوقُ الْعِباد (ٻانهن جي حقن) جي مُعاملي ۾ بيقراري ۽ خوفِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ڏسي بي حد مُتاثر ٿيو ۽ ڪجھ هن طرح چيائين: اي مسلمانن جا امام! ديوار جي گپ ته پوءِ به صاف ٿي ويندي، پهريان منهنجي دل جي گپ