Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

ٿي وڃي۔ اچو! انهيء حوالي سان مٺي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ حسنه جون ڪجھ جھلڪيون ٻڌون ٿيون ۽ انهن تي عمل جي نيت ڪريون ٿيون:

اَخلاقِ مُصطَفٰي جون جھلڪيون

٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر وقت پنهنجي زبان جي حفاظت فرمائيندا هئا ۽ صرف ڪم جي ئي ڳالھ ڪندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اچڻ وارن کي مَحَبَّت ڏيندا هئا، اهڙو ڪو عمل نه ڪندا هئا جنهن سان نفرت پيدا ٿئي ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن جي چڱين ڳالهين جي چڱائي بيان ڪندا هئا ۽ ان جي حوصله افزائي فرمائيندا هئا، بُري شيءِ کي بُرو ٻڌائيندا ۽ ان تي عمل کان روڪيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر معاملي ۾ اِعتدال (يعني ميانه روي) کان ڪم وٺندا هئا٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪٿي تشريف وٺي ويندا هئا ته جتي جڳھ ملي ويندي هئي اتي ئي ويهي رهندا هئا ۽ ٻين کي به ان جي تلقين فرمائيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ وٽ ويٺلن جي حقوق جو لحاظ رکندا هئا ٭ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر رهڻ واري هر فرد کي اهو ئي محسوس ٿيندو هو ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي سڀني کان وڌيڪ چاهيندا آهن ٭ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس ۾ ڪنهن کان ڀُل ٿي ويندي هئي ته نه ان کي شهرت ڏني ويندي هئي نه ئي ان جو مذاق اڏايو ويندو هو ٭ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نگاهون حيا کان جھڪيل رهنديون هيون ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کان بدلو نه وٺندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم برائي جو بدلو برائيءَ سان ڏيڻ جي بجاءِ معاف فرمائي ڇڏيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه ڪنهن جي ڳالهه کي ڪٽيندا هئا نه ئي وچ ۾ ڳالهائيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ