Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

کروں عمل سنَّتوں پہ ہر دَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۵۷۳)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!اي امامِ اعظم جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي کي ٻڌي اهو تصوُّر به نٿو ڪري سگھجي ته امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڄاڻي واڻي ان ڇوڪري جي پَير تي پير رکيو هوندو، بي خيالي ۾ ٿيڻ واري فِعل تي به امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خوفِ خدا جي سبب بي هوش ٿي ويا ۽ هڪ اسان آهيون جو ڄاڻي واڻي خبر ناهي ڪيترن کي طرح طرح سان اِيذاء پهچائينديون آهيون، ٭ ڪيترن جو حق ضايع ڪنديون آهيون، ٭ ڪڏهن ڪنهن کي ڇڙٻ ڏني هوندي ٭ ته ڪڏهن ڪنهن کي ذليل ڪيو هوندو ٭ ڪڏهن ڪنهن جي دل ڏکائي هوندي ته ڪڏهن ڪنهن جو حق ماريو هوندو۔ ٭ ڪڏهن ڪنهن جي غيبت ڪئي هوندي ته ڪڏهن ڪنهن تي تهمت لڳائي هوندي۔ ٭ ڪڏهن ڪنهن تي چڙهائي ڪئي هوندي۔ غور ته ڪريو! اڄ ٻين کي تڪليف ڏيون ٿيو، ٻين کي ايذاء ڏيون ٿيون ۽ پرواھ تائين نٿيون ڪيون، ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن قِيامت جي ڏينهن انهن شين جو حساب ڏيڻو پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! هتي هن دنيا ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ ته نهايت ئي آسان لڳي ٿو پر ربُّ العزّت جي ناراضگي واري صورت ۾ آخِرت ۾ اهو گھڻو ڏکيو پئجي ويندو، جيڪي اسلامي ڀينرون بنا ڪنهن وجھ جي ٻين کي تڪليف ڏين ٿيون، اهڙيون اسلامي ڀينرون سخت عذاب جو شڪار ٿينديون، جيئن ته

خارش وارو عذاب

منقول آهي ته جهنَّم ۾ انهن تي خارش مُسَلَّط ڪئي ويندي اهي ايتري قدر کنهندا جو انهن جي جسم جو ماس ۽ کل سڀ ڇڻي ويندو ۽ صرف هڏيون رهجي وينديون، ان وَقْت پُڪاريو ويندو: اي فُلاڻا! ڇا تو کي تڪليف ٿئي پئي؟ اهو چوندو: هائو۔ پوءِ چيو ويندو اهو ان اِيذاء جو بدلو آهي جيڪو تُون مؤمِنن کي ڏيندو هئين۔   (اَلتَّرْغِيب وَالتَّرْهيب ج۴ ص۲۸۰ حديث ۵۶۴۹)

   ان ڪري ٿورو عقل سان ڪم وٺو يعني سمجهداري جو مظاهرو ڪرڻ