Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ نقصان ڏيڻ وارا عمل

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ چئن نيڪ عملن بابت ٻڌو، حضرت علامه فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيان ڪيل روايت مطابق چار بُرا عمل اهڙا پڻ آهن جو قبر ۾ سلامتي جي لاءِ انهن کان بچڻ بيحد ضروري آهي۔

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ ڪوڙ کان بچو

   انهن مان پهريون عمل ڪوڙ آهي۔ الله پاڪ جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشريف آڻڻ واري رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: ڪوڙ گُناھ ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ گُناھ جهنَّم ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ بيشڪ انسان ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ وٽ ڪذّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو ٿي ويندو آهي۔ (بخاري ، ڪتاب الادب، باب قول الله تعاليٰ يا اَيھَا الَّذِينَ…الخ، ۴/۱۲۵، حديث:۶۰۹۴) يعني هر هر ڪوڙ ڳالهائڻ انسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رسوا ڪندو آهي، ٭ ڪوڙ هڪ گناھ آهي۔ ٭ ڪوڙ سڀ کان وڏي خيانت آهي۔ ٭ ڪوڙ هلاڪت خيز ڪم آهي۔ ٭ ڪوڙ جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ وارو عمل آهي۔ ٭ ڪوڙ انسان جي باطن کي بگاڙي ڇڏيندو آهي۔ ٭ ڪوڙ منافق جي نشانين مان هڪ نشاني آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو شيطان جي نقشِ قدم تي هلندو آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو الله پاڪ کي ناپسند جڏهن ته شيطان کي پيارو لڳندو آهي۔ مطلب ته! ڪوڙ دنيا ۾ به رسوا ڪري ٿو، ڪوڙ قبر ۾ به ڦاسائيندو ۽ ڪوڙ آخرت ۾ به هلاڪت جو سبب بڻجندو۔ تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان ڪوڙ کان بچون ۽ سچ جي عادت بڻايون۔ ڪوڙ جي عذابن جي معلومات سان سچ ڳالهائڻ جو ذهن بڻجندو، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جي اولاد به ڪوڙ کان بچي وڃي ته اولاد جي به مدني تربيت ڪرڻي پوندي، مڪتبة المدينه جو رسالو بنام ”ڪوڙو