Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ چغلي کان بچو

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان انهن عملن بابت ٻڌي رهيا هئاسين جن کان بچڻ قبر ۾ راحت و سڪون جو سبب ٿيندو آهي، انهن مان هڪ چغلي به آهي۔ ماڻهن ۾ فساد ڪرائڻ جي لاءِ انهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي تائين پهچائڻ چغلي آهي۔ (شرح مسلم للنووي، ڪتاب الايمان،باب بيان غلظ تحريم النمية،۲/۱۱۲) الله جي پياري نبي، امت جي سهاري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: الله پاڪ جا بُرا ٻانها اهي آهن جيڪي چُغل خوري ڪن ٿا، دوستن ۾ جدائي وجھن ٿا ۽ نيڪ ماڻهن جا عيب تلاش ڪن ٿا۔ (مسند احمد،مسند الشاميين، ۶/ ۲۹۱، حديث ۱۸۰۲۰) لهٰذا اسان کي چغل خوري کان به بچڻ گھرجي۔ چغل خوري ۾ هلاڪت ئي هلاڪت آهي۔ بظاهر ته چغل خور چغلي لڳائي گھڻو خوش ٿيندو آهي ته ان محبتن جي رشتن کي نفرتن ۾ بدلي تمام وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي پر جڏهن حقيقت کان پردو کڄندو آهي ته فلاڻي شخص جي طرفان ڪن ڀرڻ جي سبب نوبت ايستائين پهتي هئي ته ان چغل خور کي هر پاسي کان ذلت ۽ رسوائي جو سامنو ڪرڻو پوندو آهي جڏهن ته مرڻ کان پوءِ به اهڙن کي سُڪون و اطمينان نصيب ناهي ٿيندو بلڪه قبر ۾ ويندي ئي عذابن جو سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو، الله پاڪ اسان کي چغلي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ پاڪيزه رهو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙا ڪم جيڪي قبر جي عذاب جو سبب ٿيندا آهن انهن مان چوٿون ڪم پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ آهي۔ پنهنجي ڪپڙن ۽ بدن جي پاڪي جو خيال نه رکڻ يقيناً هڪ خراب عادت آهي، جيڪا انسان کي ڪيئي ديني فائدن کان محرومي سان گڏوگڏ قبر جي عذاب ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ اچو انهيء حوالي سان مومنن تي رحم وڪرم فرمائڻ واري نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديث سڳوريون ٻڌو،