Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

جي تلاوت کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي۔ هن جا ڪيئي فائدا آهن۔ ٭ تلاوتِ قرآن سان الله پاڪ جون رحمتون ملن ٿيون، ٭ تلاوتِ قرآن سان مصيبتون ٽرن ٿيون، ٭ تلاوتِ قرآن سان غم پري ٿئي ٿو، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارو ڄڻ ڪريم رب سان هم ڪلام ٿيڻ جو شرف حاصل ڪري ٿو، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ خود آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي،  ٭تلاوتِ قرآن ڪرڻ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو طريقو آهي، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قرآن جي شفاعت جو حق دار بڻائي ٿو۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قيامت جي هولناڪ گھٻراهٽ کان امن بخشي ٿو۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قيامت جي حساب ڪتاب کان نجات ڏياري ٿو۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارن جي الله ڪريم قرآنِ پاڪ ۾ تعريف فرمائي آهي۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ پسنديده عمل آهي۔ ٭ تلاوتِ قرآن سان دنيا ۾ به راحت ملي ٿي، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سان قبر به موچاري ٿيندي آهي ۽ ٭ تلاوتِ قرآن سان آخرت ۾ به ڪاميابيون حاصل ٿينديون۔ اچو ٻڌون ٿا ته بزرگن جو تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو ڪهڙو معمول هوندو هو ۽ قبر ۾ انهن کي ڪيئن ڪم آيو۔ جيئن ته

 عاشِقِ قرآن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي

  حضرتِ سَيدُنا ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گريه و زاري ڪئي آهي۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔  (حليۃ الاولياء،۲ /۳۶۴- ۳۶۶ ملتقطاً و ملخصاً)