Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

ترجمو ڪنز الايمان: اي انسانو بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ توهان کي هرگز ڌوڪو نه ڏي دنيا جي زندگي ۽ هرگز توهان کي الله جي حڪم تي ڌوڪو نه ڏي اهو وڏو ڌوڪي باز.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي دنيا هڪ ڌوڪو آهي، عقل مند اهو ئي آهي جيڪو هن دنيا ۾ رهي پنهنجي قبر جي لاءِ ڪجھ ڪري وڃي۔ کوڙ عمل اهڙا آهن جيڪي جيڪڏهن کڻي وڃون ته قبر نورٌ علي نور ٿي سگھي ٿي۔ حضرت سَيدُنا فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچڻ چاهي ٿو ان کي گھرجي ته چار شين کي اختيار ڪري وٺي ۽ چئن ئي شين کان پاسو اختيار ڪري۔ جيڪو به ائين ڪندو اهو قبر جي اڪيلائپ ۽ گھٻراهٽ کان بچي ويندو۔ اهي چار شيون جن کي اختيار ڪرڻو آهي انهن مان سڀ کان پهرين شيء نماز آهي۔ ٻي شيء الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو آهي۔ ٽئين شيء قرآنِ پاڪ جي تلاوت آهي ۔ جڏهن ته چوٿين شيء ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ڪرڻ آهي۔ ۽ اهي چار شيون جن کي ڇڏڻو آهي انهن مان پهرين شيء ڪوڙ آهي۔ ٻي شيء خيانت آهي۔ ٽئين شيء جنهن کان بچڻو آهي اها آهي چغلي۔ جڏهن ته چوٿين شيء جنهن سان هر گھڙي بچڻو آهي اهي پيشاب جا ڇنڊا آهن۔       (تنبيه الغافلين،ص۲۲)

قبر ۾ ڪم ايندڙ پهريون عمل نماز

   اهي عمل جيڪي قبر ۾ ڪم ايندا انهن مان پهريون عمل آهي نماز۔ الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو نمازن جي لاءِ بهتر طَريقي سان وضو ڪري ۽ انهن کي ان جي وَقت ۾ اَدا ڪري ۽ انهن جا رُڪوع وسُجود، خُشُوع سان پورا ڪري ته الله پاڪ جي ذمّه ڪرم تي آهي ته ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔