Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

روايت ۾ اَٺ (8) عملن جو ذڪر ڪيو آهي ۔ انهن مان چار (4) عمل اهي آهن جن تي عمل ڪرڻ سان قبر ۾ راحت ۽ سڪون نصيب ٿيندو آهي۔ جڏهن ته چار عمل اهڙا آهن جن کان بچڻ قبر جي وحشت کان بچائيندو آهي۔ اڄ جي بيان ۾ اسان انهن عملن بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اي ڪاش! سڄو بيان سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قيامت جي سفر لاءِ سامان ڪهڙو گڏ ڪيو آهي؟

     دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”احياء العلوم“ جلد 1 صفحي 1053 تي آهي ته هڪ ڀيري امت تي مهربان نبي آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدُنا ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ارشاد فرمايائون: اي ابوذر! اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان سفر جو ارادو ڪيو ته ان جي لاءِ ڪا تياري به ڪندؤ؟ حضرت سَيدُنا ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: جي ها! يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سفر جي لاءِ ان جي تياري ضرور ڪندس۔ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايائون: قيامت جي سفر جو ڇا حال آهي؟ پوءِ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون: اي ابوذر! ڇا مان توکي انهن شين جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪي توکي ان (قيامت جي) ڏينهن نفعو پهچائينديون؟ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ضرور ٻڌايو۔ اِرشاد فرمايائون: ٭ قِيامت جي ڏينهن لاءِ سخت گرميءَ جي ڏينهن ۾ روزو رکو! ٭ قبر جي وحشت جي لاءِ رات جي اونداھيءَ ۾ ٻه رڪعتون پڙھو، ٭ وڏن وڏن (پيش ايندڙ) معاملن جي لاءِ حج ڪيو ۽ ٭ ڪنهن مسڪين کي ڪا شيء ڏئي ڪري ٭ يا حق ڳالھ چئي ڪري ٭ يا ڪنهن بُري جملي کان خاموش رهي صدقو ڪريو۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا، التھجد وقيام الليل، ۱/۲۴۷، حديث:۱۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد