Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal
بڻائي وٺو، الله ڪريم اسان کي مدني انعامات تي عمل ۽ 12 مدني ڪمن جون خوب خوب ڌومون مچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔ اچو! مدني ماحول بابت هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي ته مان بُرن دوستن جي صحبت ۾ هئس ۽ شراب به پيئڻ لڳو هئس۔ منهنجا گھروارا ۽ پاڙي وارا مون سان بيزار ٿي ويا۔ پاڙيسري ٻين کي مون سان گڏ ويهڻ کان روڪيندا هئا ته ڪٿي منهنجي صحبت ۾ ٻيا به شرابي نه بڻجي وڃن، تنگ اچي گھروارن مون کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو ته ڪٿي مان سڌري وڃان پر مان ته شراب جي نشي (Intoxication) ۾ اهڙو گم ٿيس جو سڌرڻ جو هوش تائين نه رهيو۔ هڪ ڏينهن مان ڪٿي وڃي رهيو هئس ته ڪنهن عمامي واري منهنجو هٿ پڪڙي مون کي روڪيو ۽ وڏي شفقت سان منهنجو حال احوال پڇيائين۔ ۽ مون تي اِنفرادي ڪوشش ڪندي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي باري ۾ ٻڌايو ۽ مون کي مَدَني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏني۔ مون سفر ڪرڻ جي نيت ڪئي ۽ سفر به ڪيو۔ مَدَني قافلي ۾ سفر جي دوران قافلي وارن جي شفقتن جي بارش منهنجي دل جي گندگيءَ کي ڌوئي سٿرو ڪري ڇڏيو۔ محبت جا مزيد جام پيئڻ جي لاءِ مان اتان کان ئي 12 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي ۾ سفر تي روانو ٿيس۔ جڏهن مان مَدَني قافلي تان واپس موٽيس ته مان مدني حليي ۾ هئس، پاڙي وارا ڏسي حيران ٿي ويا ته هي اهو ئي ڇوڪرو آهي جنهن کان سڄو پاڙو بيزار هو۔ بهرحال اهو ٿيو جو پاڙي وارا ڪڏهن مون سان گڏ ڪنهن کي ويهڻ نه ڏيندا هئا هاڻي مون سان گڏ ويهڻ جي ٻين کي ترغيبون ڏين ٿا۔ اهي سڀ مدني ماحول جون برڪتون آهن۔ الله پاڪ مون کي مرڻ گھڙي تائين نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
اسی ماحول نے ادنی کو اعلیٰ کر دیا دیکھو اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کردیا دیکھو