Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

  ارشاد فرمايائون: عذابِ قبر عموماً پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي۔ (المعجم الڪبير، الحديث: ۱۱۱۲۰ ، ج۱۱،ص۷۰)

     هڪ روايت ۾ آهي: قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي تنهنڪري هن کان بچو۔ (سنن ابن ماجة،ابواب الطهارة،باب التشديدفي البول،الحديث:۳۴۸،ص۲۴۹۸)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هنن حديث سڳورين تي عمل ڪندي اسان کي به گھرجي ته اسان به هر قسم جي ناپاڪي ۽ خاص ڪري پيشاب جي ڇنڊن کان پاڻ کي بچايون، الله پاڪ اسان کي نجاست کان بچڻ ۽ پاڪيزه رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔           

آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

قَبر ۽  دفن جا مَدَني گل

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! قَبرودَفن جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ ٭ هڪ قَبر ۾ هڪ کان وڌيڪ بِلا ضَرورت دَفن ڪرڻ جائز نه آهي ۽ ضَرورت هجي ته ڪري سگھو ٿا۔ (بهار شريعت جلداوّل ص۸۴۶، عالمگيري ج۱ ص۱۶۶ ) ٭ جنازو قَبر کان قبلي ڏانهن رکڻ مُستَحب آهي ته جيئن ميت قبلي واري پاسي کان قَبر ۾ لاٿي وڃي۔ قَبر جي پيراندي (يعني پيرن واري جڳھ) رکي مٿي جي طرف ڏانهن نه آڻيو۔ (بهارِ شريعت ج۱، ص ۸۴۴) ٭ حَسبِ ضَرورت ٻه يا ٽي