Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

صدقي جي ڇانو ۾ هوندو۔ ٭ صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو گُناهن کي ائين مٽائيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي۔ ٭ صَدَقو بلائن کي روڪيندو آهي۔ ٭ صَدَقو عُمر ۾ بَرڪت جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ صَدَقو بُري مَوت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو تڪبّر ۽ غرور جي عادت جو خاتمو ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو باھ کان رُڪاوٽ (Hindrance) ٿيندو آهي۔ ٭ صَدَقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو رزق ۾ ڪشادگي ۽ مال جي ڪثرت جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ صَدَقو غربت ۽ ناداري کي ختم ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو دل ۾ اطمينان ۽ قرار داخل ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو ڪرڻ سان رحمتِ الٰهي ملندي آهي۔ ٭ صَدَقو پاڻ ۾ محبتن کي عام ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن امان ۾ رهندو۔ ٭ صَدَقو ڪرڻ واري تي الله پاڪ جا ملائڪ درود موڪلين ٿا۔ مطلب ته! صدقو ڪيئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ ڪيئي برائين جا دروازا بند ڪندو آهي۔ لهٰذا اسان کي خوب خوب صدقو ۽ خيرات ڏئي پنهنجي قبر و آخرت جي بهتري جو سامان ڪرڻ گھرجي۔

مدني عطيات جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مسجد ڀريو مدني تحريڪ ”دعوتِ اسلامي“ جي سڄي دُنيا ۾ ڌُوم ڌام آهي، دعوتِ اسلامي خدمتِ دِين جي تقريباً 107 شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ جامعة المدينه (للبنين و للبنات) به آهي جنهن جي ذريعي هاڻي تائين هزارين عالم سڳورا تيار ٿيا آهن ۽ پنهنجي خدمتن کي مختلف شعبن ۾ پيش ڪري دِينِ اسلام جي سربُلندي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن۔ اهڙي طرح هزارين اسلامي ڀينرون به عالمه ڪورس (درسِ نظامي) ڪري ڪيترن ئي شعبن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيون آهن، مدرسة المدينه (للبنين و للبنات) مان به تقريبًا 80731 مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون ناظره قرآن پڙھڻ ۽ حفظِ قرآن جي سعادت ماڻي چڪا آهن۔ صرف جامعة المدينه (للبنين و للبنات)، مدرسة المدينه (للبنين و للبنات) ۽ مدني چينل جا سالانه اخراجات