Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

جَبیں میلی نہیں ہوتی دَہن میلا نہیں ہوتا

غلامانِ محمد کا کفن میلا نہیں ہوتا

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ اوليا! اسان کي به قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ گھرجي، ۽ دنيا ۾ به تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو اهڙو معمول بڻايون جو قبر ۾ به هن عظيم سعادت کي ماڻڻ وارا بڻجي وڃون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تلاوتِ قرآن کي پنهنجو معمول (Routine) بنائڻ ۽ ان جي مَحَبَّت دل ۾ وڌائڻ جي لاءِ 72 مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 21 ۾ اِرشاد فرمائن ٿا"’’ ڇا اڄ اوهان ڪنزُ الايمان مان گھٽ مان گھٽ ٽي آيتون (ترجمي ۽ تفسير سان گڏ) تلاوت ڪرڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي؟‘‘ تنهنڪري اسان کي به پنهنجي اها عادت بنائڻ گھرجي ته روزانو ڪنزُالاِيمان شريف تفسير خزائن العرفان يا صِراطُ الجِنان ترجمي ۽ تفسير سان گڏ خُوب غور وفڪر ڪري قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪيون، هن طرح مدني اِنعام تي عمل سان گڏوگڏ تلاوت جون کوڙ ڀلائيون ۽ برڪتون پڻ نصيب ٿينديون ۽ عمل جو جذبو به پيدا ٿيندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه۔ جيڪي اسلامي ڀائر صحيح تلفظ سان تلاوتِ قرآن نٿا ڪري سگھن انهن کي گھرجي ته پنهنجي قريبي مدرسة المدينه بالغان ۾ داخلو وٺن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه قرآنِ پاڪ جي صحيح تلفظ سان تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي ويندا۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ فيضانِ قرآن عام ڪري رهي آهي. هن وقت دعوتِ اسلامي جي تحت 3287(ٽي هزار ٻه سؤ ستاسي) مدرسة المدينه (للبنين ۽ للبنات جز وقتي) 35690(پنجٽيهه هزارڇهه سؤ نوي) مدرسة المدينه (بالغان) 3363(ٽي هزار ٽي سؤ ٽيهٺ) مدرسة المدينه (بالغات) 30 مدرسة المدينه (آن لائن) يعني ڪل