Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

چور“ ٻارن وڏن سڀني جي لاءِ فائيديمند ۽ نهايت معلوماتي رسالو آهي، هن رسالي جو اسان پاڻ به مطالعو ڪريون ۽ ٻين ۾ به هن رسالي کي عام ڪيون.  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ خيانت کان بچو

پيارا پيار اسلامي ڀائرو!ٻيو اهو عمل جنهن سان بچڻ انسان کي قبر ۾ فائدو ڏئي سگھي ٿو اهو آهي خيانت۔ خيانت معاشري کي برباد ڪرڻ وارو ڪم آهي۔ خيانت صرف اها ئي نه آهي ته انسان ڪنهن جي شيء بطورِ امانت رکي واپس نه موٽائي، بلڪ خيانت جو مفهوم گھڻو وسيع آهي۔ حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: خيانت صرف مال ئي ۾ ناهي ٿيندي، راز، عزت، مشوري تمام ۾ ٿيندي آهي۔ (مراة المناجيح،۱/۲۱۲) رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرشاد فرمايو: جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي ڪنهن معاملي ۾ مشورو ڏئي جڏهن ته ان کي خبر آهي ته دُرستي ان جي علاوه ۾ آهي ته هن ان سان خيانت ڪئي۔ (ابوداؤد،ڪتاب العلم،باب ڪراھية منع العلم،۳/۴۴۹، حديث:۳۶۵۷) يعني جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن سان مشورو ڪري ۽ مشورو ڏيڻ واري ڄاڻي واڻي غلط مشورو ڏنو ته جيئن مشورو وٺڻ وارو مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ته اهڙو مشير يعني مشورو ڏيڻ وارو پڪو خائن (يعني خيانت ڪرڻ وارو) آهي۔ (مراة المناجيح،۱/۲۱۲)

   الله پاڪ اسان کي هر قسم جي خيانت کان محفوظ فرمائي۔ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ امتِ مسلمه جي خيرخواهي ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش فرمائي رهيا آهن

جو دُکانیں خِیانت سے چمکائیں گے!                    کیااُنہیں زَر کے اَنبار کام آئیں گے؟

قہرِ قَہّار سے کیا بچا پائیں گے؟                           جی نہیں، نارِدوزخ میں لے جائیں گے

مالِ دنیا ہے دونوں جہاں میں وبال                    آئیگا قَبر میں ساتھ ہرگز نہ مال