Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

ڪروڙين نه اربين روپين ۾ آهن۔ تنهنڪري اسان پاڻ به دعوتِ اسلامي کي زڪوٰة، صدقات، مدني عطيات ڏيون، ان سان گڏوگڏ پنهنجي رِشتيدارن، پاڙيسرين، دوستن تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌائي مدني عطيات گڏ ڪيو۔ اِنْ شَآءَ الله اوهان جي ڪاوشن سان ڏنل اهو صدقو ٻنهي جهانن ۾ اسان کي ڪامياب ڪندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو صدقي جي تعريف به ٻڌون ٿا، جيئن صدقي جو مطلب آهي ته ڪا شيءِ الله پاڪ جي راهه ۾ ڏني وڃي ۽ ان جي ذريعي ماڻهن ۾ پنهنجي واهه واهه ڪرائڻ مقصود نه هجي، بلڪ الله پاڪ جي بارگاهه مان اجر ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت ڪئي وڃي. (کتاب التعريفات، باب الصاد، ص۹۴ ماخوذاً)

    يعني مالي صدقي جي لاءِ  ٻه شيون تمام ضروري آهن. هڪ هيءَ ته ڪا شيء الله جي راهه ۾ ڏني وڃي. ٻيو هيءَ به ضروري آهي ته ان مان الله تعالٰي جي رضا مقصود هجي. انهن ٻنهي شين جو لحاظ رکندي ڪيو ويندڙ ڪم اهو صدقو چورائيندو. ان جون ڪجهه مثالون به سماعت فرمايو. جيئن رضاءِ الاهيءَ جي لاءِ مسجد جي ڪم ۾ پنهنجا پيئسا خرچ ڪرڻ صدقو آهي. رضاءِ الاهيءَ جي لاءِ ڪنهن غريب کي راشن ڏيارڻ صدقو آهي. رضاءِ الاهيءَ جي لاءِ مسجد ٺهرائڻ صدقو آهي. وغيره وغيره

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ ٽيون ڪم تلاوتِ قرآن

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ انهن مان هڪ تلاوتِ قرآن به آهي۔ ٭ قرآنِ پاڪ الله پاڪ جو ڪلام ۽ واضح ترين حق آهي۔ ٭ ان جي فصاحت کان وڌيڪ فصيح ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ هن جي بلاغت کان وڌيڪ بليغ ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ هن کان وڌيڪ فائديمند ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ جيڪو لذت ۽ سرور هن ڪتاب جي تلاوت ۾ آهي اها لذت ۽ سرور ڪنهن ٻي هنڌ ناهي۔ تنهنڪري اسان کي قرآن