Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

روئندو ماءُ وٽ اچي پُڇا ڪيائين: پياري امڙ! منهنجي ڀيڻ جا عمل ڪهڙا هئا؟ اها چوڻ لڳي: پٽ ڇو ٿو پُڇين؟عرض ڪيائين:”مون پنهنجي ڀيڻ جي قبر ۾ باهه جا شعلا ڀَڙڪندي ڏٺا آهن.“ اهو ٻُڌي ڪري ماءُ روئڻ لڳي ۽ چيائين: افسوس! تنهنجي ڀيڻ نماز ۾ سُستي ڪندي هئي ۽ نماز جا وقت ٽاري پڙهندي هئي (يعني نماز قضا ڪري پڙهندي هئي)  ۔    (مُڪاشَفَة الْقُلو ب ص۱۸۹)

  اي عاشقانِ رسول! هن عبرت ناڪ حڪايت مان معلوم ٿيو ته نماز ۾ سُستي ڪرڻ تمام وڏو گناھ آهي ۽ قبر جي عذاب جو سبب به بڻجي سگھي ٿو۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان پنج ئي نمازون ذوق وشوق سان مسجد ۾ تڪبيرِ اولٰي سان گڏ پهرين صف ۾ باجماعت ادا ڪيون ۽ نماز ۾ هرگز هرگز سُستي نه ڪيون۔

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت

ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ ٻيو عمل صدقو

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جي اونداهيءَ کي روشني ۾ ۽ قبر جي گھٻراهٽ کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلڻ جو هڪ ٻيو عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ آهي: اِنَّ الصَّدَقَة لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صَدَقو ڪرڻ وارن جو صَدَقو قَبر جي گرميءَ کان بچائيندو آهي وَ اِنَّمَا يسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ يوْمَ الْقِيامَة فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ، ۽ بيشڪ مُسَلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانو ۾ هوندو۔ (شُعَبُ الايمان، باب الزڪاة، التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷) لهٰذا صدقو ڏيڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي۔ صدقو هڪ وڏي فضيلت وارو ڪم آهي، ٭ صَدَقو برائين جا دروازا بند ڪري ٿو۔ ٭ صَدَقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي