Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

تقريبًا 42370 (ٻائيتاليهه هزار ٽي سؤ ستر) مدارس المدينه قائم آهن جن جي ذريعي هزارين ٻار، جوان، پوڙها، ڇوڪريون، عورتون فيضانِ قرآن حاصل ڪري رهيا آهن. اسان غور ڪيون ته انهن برڪتن مان، هن ورهائجڻ واري عام فيضان مان اسان ڪيترو حصو وٺي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان درست قرآنِ ڪريم پڙهڻ ڄاڻون ٿا ته ٻين کي پڙهايون، نه ته پنهنجو پاڻ پڙهون.  

”کنزالایماں“ اے خدا میں کاش! روزانہ پڑھوں

پڑھ کے تفسیر اِس کی پھر اُس پر عمل کرتا رہوں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ چوٿون عمل ذڪرِ الٰهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت علامه فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيان ڪيل قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن مان چوٿون عمل ذڪرِ الٰهي آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جڏهن به ماڻهو الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ ويهندا آهن ته انهن کي ملائڪ گھيري وٺندا آهن رحمتِ الٰهي انهن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺندي آهي ۽ انهن تي سڪون نازل ٿيندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب الذڪر و الدعاء …الخ ، باب فضل الاجتماع علي تلاوة…الخ، ص۱۱۱۱، حديث:۲۷۰۰)

   اي عاشقانِ رسول! ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ڪرڻ جا وڏا فائدا آهن۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي دل ۾ نور پيدا ڪندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي روح جي صفائي جو سبب ٿيندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي مؤمن جو بنيادي مقصد آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي الله پاڪ جو قرب عطا ڪندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي انسان جي روحاني ترقي جو ذريعو ٿيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ٻانهي جي گناهن کي بخشرائيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي معرفت ۽ سلوڪ جي راھ جي ڏاڪڻ آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو طريقو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي