Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

دلي سڪون جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي دلين جي زنگ کي پري ڪندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي سان دنيا ۾ به امن نصيب ٿيندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي قبر ۾ به نور پيدا ڪندو آهي ۽ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي سان آخرت ۾ به نور حاصل ٿيندو۔ الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر ڪرڻ واري مصطفٰي، رحمتون ورهائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: ڪجھ ماڻهو دنيا ۾ وڇايل پلنگن تي الله پاڪ جو ذڪر ڪن ٿا ۽ الله ڪريم انهن کي جنت جي بلند درجن ۾ داخل فرمائيندو۔ (صحيح ابن حبان، ۱/۳۰۸، حديث:۳۹۸)

۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ هر پاسي ذڪرِ الٰهي جي ئي پياري پياري مهڪ رچيل آهي، مدني ماحول ۾ فجر کان پوءِ جو مدني حلقو، مدني درس، چوڪ درس، مدرسة المدينه بالغان، مدني مذاڪرا، هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع، اجتماعِ ذڪر و نعت، مدني قافلي جا مدني حلقا، وڏين راتين ۾ ٿيندڙ اجتماعات اهي سڀ ذڪرِ الٰهي جون ئي بهارون آهن۔ اهڙي طرح مدني انعامات تي عمل ۽ روزانو فڪرِ مدينه ڪرڻ به ذڪرِ الٰهي ڏانهن کڻي ويندڙ هڪ ذريعو  (Source)آهي۔ تنهنڪري اوهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ مدني انعامات تي عمل ڪندي روزانو فڪرِ مدينه کي پنهنجو معمول بڻايو۔ هنن مدني انعامات مان هڪ مدني انعام روزانه صلاةُ التوبه پڙھڻ تي مشتمل آهي، جنهن جي برڪت سان روزانو گناهن کان توبه ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي، جڏهن ته گناهن کان توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ان گناھ ڪيو ئي نه۔ تنهنڪري اوهان به هن مدني انعام تي عمل ڪريو، مدني انعام نمبر 16 هن طرح آهي: ڇا اڄ اوهان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو (بهتر اهو آهي ته سمهڻ کان پهريان) صلوة التوبه پڙھي سڄي ڏينهن جي بلڪ اڳوڻن ٿيندڙ تمام گناهن کان توبه ڪئي؟

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اڃا تائين اسان جو هن مدني انعام تي عمل نه هو ته هاڻي ڪوشش ڪري هن مدني انعام تي به عمل جو معمول