Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

پيدا ٿيندي آهي، ڪو اسان جي نيڪين جو چرچو ڪري نه ڪري، اسان پاڻ بغير ضَرورتِ شَرعي پنهنجي نيڪين جو اِظهار ڪري ”پنهنجي مُنهن ميان مِٺو“ بڻجڻ کان پاسو نٿا ڪيون ۽ اهڙي طرح شيطان جي وڇايل رِياڪاري واري ڄار ۾ وڃي ڦاسندا آهيون۔

رِياڪاري ڇا کي چئبو آهي:

شيخِ طريقت، اَميرِ اهلسنَّت، باني دعوتِ اسلامي، حَضْرتِ علّامه مَوْلانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ”نيڪي جي دعوت “ جي صفحي 66 تي لکن ٿا: الله پاڪ جي رِضا کان عَلاوه ڪنهن ٻي اِرادي سان عِبادت ڪرڻ (رِياڪاري آهي)۔ مطلب ته  عِبادت جو هي مقصد هجي ته ماڻهو ان جي عِبادت تي آگاھ ٿين ته جيئن هو انهن ماڻهن کان مال حاصل ڪري يا ماڻهو ان جي ساراھ ڪن يا ان کي ماڻهو نيڪ انسان سمجهن يا ان کي عزّت وغيره ڏين۔ (اَلزَّواجِرُ عَنِ اقْتِرافِ الْڪبائِر ،۱/۸۶)

 اچو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتاب ” نيڪي جي دعوت “حصو پهريون، صفحي 73 تان رِياڪاري بابت ڪجھ مثالون ٻڌون ٿا۔ خيال رهي ته رِياڪاري هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جو سڄو دارومدار نِيت تي آهي، تنهنڪري جيڪي مثالون پيش ڪيون پيون وڃن اُهي جيتوڻيڪ رِياڪاري ئي جون مثالون آهن پر ڪيئي هنڌن تي نِيت جي فرق سان اَحڪام ۾ تبديلي ٿي ويندي آهي۔ اچو پنهنجي اصلاح جي نِيت سان تَوَجّھ سان ٻڌو:

رِياڪاري جا 10 مثال

          (1) فَنِّ قِراءت ان ڪري سکڻ ته ماڻهو ”قاري صاحِب“ چون۔ (2)پنهنجي لاءِ عاجِزي وارا لفظ مَثال طور فقير، گُنهگار، ناڪاره وغيره ان ڪري چوڻ يا لکڻ ته ماڻهو سادي طبيت وارو سمجهن ۽ عاجِزي جي واکاڻ ڪن۔(3) ماڻهن سان انهي ڪري گرم جوشي سان ملڻ جو ملنسار يا با اخلاق سڏرائي ۔(4) دعا وغيره ۾ سڀني جي سامهون روئڻ اچي ته انهيءَ ڪري لڙڪ اگھڻ جو ماڻهن