Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

دُعا مومن جو هٿيار آهي۔ تنهنڪري دُعا ڪريو ته يا الله! مان نيڪ بڻجڻ چاهيان ٿو، تڪبُّر ۽ ٻين تمام بُرائين کان جان ڇڏائڻ چاهيان ٿو، پر نفس ۽ شيطان مون کي دٻائي رکيو آهي، تون ان جي مقابلي ۾ مون کي ڪاميابي عطا فرماءِ، مون کي نيڪ بڻاءِ، عاجِزي جو پيڪر بڻاءِ۔ اچو! گڏجي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪريون ٿا۔

فخر و غرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا                                        یاربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

ایماں پہ ربّ رحمت دیدے تُواستقامت                          دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو تِرے نبی کا

(وسائلِ بخشش مرمم ،ص ۱۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ تراجم !

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان جي مڪروفريب ۽ ٻين گناهن کان بچڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائي رهي آهي، اتي 107 شُعبن جي ذريعي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مسلمانن جي به اِصلاح ڪري رهي آهي، انهن شُعبن مان هڪ شعبو ’’مجلسِ تَراجِم‘‘ به آهي جيڪو اميرِاهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رَسالن جو مختلف زَبانن ۾ تَرجمو ڪرڻ جي خِدمت سَر اَنجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن اُردو پڙهڻ وارن سان گڏوگڏ دُنيا جون ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ڪروڙين ماڻهو به انهن ڪتابن مان فيض ياب ٿي سگھن ۽ انهن جو به اهو مدني ذِهن بڻجي وڃي ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تمام ٿوڙي عرصي ۾ هاڻي تائين هن مجلس تحت دُنيا جي مختلف زَبانن ۾ اميرِا َهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جون ڪافي تصانيف ۽ مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو تَرجمو ٿي چُڪو