Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رياڪاري کان بچڻ جي لاءِ عِبادَت جي دوران به شيطاني وَسوَسن کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو، ڇوته شيطان مُسلسل اسان جي دل ۾ وَسوَسا وجھڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهندو آهي، تنهنڪري جھڙي طرح نيڪ عمل کان پهريان دل ۾ اِخلاص هئڻ ضَروري آهي، اهڙي طرح هر نيڪي ۽ عِبادَت جي دَوران ان کي قائم رکڻ به ضَروري آهي۔

      جيتوڻيڪ اهو سوچڻ ۽ غوروفڪر ڪرڻ گھڻو مُشڪل ڪم آهي پر ناممڪن ناهي، شروع شروع ۾ اهو ڪم بيحد ڏکيو محسوس ٿيندو آهي پر ڪوشش ڪري هڪ عرصي تائين هن تي صبر ڪري ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ۽ حُسنِ توفيق سان هي ڪم آسان ٿي ويندو آهي، اسان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪاميابي ڏيڻ واري ذات ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ جي آهي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۹۴)

       اچو! پنهنجي ربّ ڪريم جي بارگاه ۾ دعا ڪريون ٿا ۽ اِخلاص جي خيرات گھرون ٿا۔

بنادے مجھ کو الٰہی خُلوص کا پیکر                                   قریب آئے نہ میرے کبھی رِیا یارَبّ!

اَندھیری قَبْر کا دل سے نہیں نکلتا ڈر                              کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یارَبّ!

(وسائلِ بخشش، ص ۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سڄو شهر اُجڙي ويو

هڪ شخص شيطان کي هن حال ۾ ڏٺو جو هو پنهنجي آڱر بلند ڪري وڃي رهيو هو۔ اُن شيطان کان پڇيائين: هي تون پنهنجي آڱر بلند ڪري ڇو پيو وڃين؟ شيطان چيو: مان پنهنجي آڱر سان وڏا وڏا ڪم ڪندو آهيان، ماڻهو جيڪي پاڻ ۾ جھيڙو جھٽو ۽ فِتنو فَساد ڪندا آهن اهو سڀ هن ئي آڱر جو ڪمال آهي۔ ان شخص حَيرت وچان پڇيائين: اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟