Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

رهيو ۽ ان کي پنهنجي هن فعل تي ڪو افسوس نه ٿيو، ته ان جي تڪبُّر ڪرڻ جي ڪري الله پاڪ هميشه جي لاءِ ان کي پنهنجي بارگاھ مان مردُود قرار ڏئي ڪري ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي شڪل ۽ صورت بگاڙي ڇڏي، خنزير جيان لٽڪيل منهن، مٿو اُٺ جي مٿي جيان، سينو وڏي اُٺ جي ڪوهان جهڙو، چهرو ائين جيئن باندر جو چهرو، اکيون بيٺل، ناسون حجام جي ڪوزي جيان کليل، چپ ڏاند جي چپن جيان لٽڪيل، ڏند خنزير جيان ٻاهر نڪتل ۽ ڏاڙهي ۾ صرف ست وار، انهيء صورت ۾ ان کي جنّت کان هيٺ اڇلايو ويو ۽ قيامت تائين جي لاءِ لعنت جو مستحق بڻجي ويو آهي ۽ تڏهن هو ابليس، لعين، مردُود ۽ شيطان جي نالن سان مشهور ٿي ويو۔ ڪاشفۃ القلوب ،ص۷۹)

تڪبُّر جون تباهه ڪاريون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان شيطان جي باري ۾ ٻڌو ته هو ڪيترو وڏو عبادت گذار، علم وارو هو پر ان کي هڪ گناھ جي ڪري بارگاھ الٰهي مان مردُود قرار ڏئي ڪري ڪڍيو ويو ۽ اهو گناھ تڪبُّر هو۔ ٭ تڪبُّرشيطان جي هٿيارن مان هڪ هٿيار آهي، جنهن جي ذريعي هو ماڻهن سان پنهنجي دشمني ظاهر ڪندو آهي ۽ ماڻهن کي گمراھ ڪري انهن کي الله پاڪ جي ناراضي واري کڏ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيندو آهي، ياد رکو! ٭ تڪبُّر هلاڪ ڪندڙ عادَت آهي، ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارا الله پاڪ جا ناپسنديده ٻانها آهن، ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارن بد نصيبن جي دلين تي الله پاڪ مهر لڳائيندو آهي، ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارا قرآني آيتن ۾ غور ۽  فڪر ڪرڻ ۽ انهن قرآني آيتن مان عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا آهن. ٭ ۽ اهڙا بد بخت ذليل ۽ رُسوا ٿي جهنم (Hell) ۾ داخل ڪيا ويندا آهن، ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارو جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي، اهو ٻين جي لاءِ پسند ناهي ڪندو۔ ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارو عاجزي جهڙي عظيم خوبي کان محروم ٿي ويندو آهي۔ ٭ مسلمانن سان بغض ۽ ڪيني جي بدترين خصلت ان جي دل ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪندي آهي ٭ تڪبُّر ان کي پنهنجي ڪوڙي عزّت بچائڻ جي لاءِ