Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

بُري خاتمي کان بچڻ جو طريقو

اي عاشقانِ اوليا! معلوم ٿيو ته ايمان جي سلامتي ۽ سٺي خاتمي جو هڪ ذريعو ڪنهن ڪامل پير جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ به آهي ڇوته مُرشِد جي باطِني توجُّه سان به شيطاني وَسوَسو دور ٿي ويندو آهي، ايستائين جو ڀلائي تي خاتمو نصيب ٿي ويندو آهي، نه ته شيطان لعين سڪرات جي عالم ۾ وسوسن وارو هٿيار اِستِعمال ڪري مسلمان جي اِيمان کي برباد ڪرڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪندو آهي۔

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موجوده دور ۾ شيطاني وسوسن کان بچڻ، ايمان جي سلامتي، نيڪين تي استقامت، پابندِ سُنّت بڻجڻ ۽ گناهن کان سچي نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو جذبو پنهنجي اندر بيدار ڪرڻ جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو، ڇوته نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ سان گناهن کان نفرت ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔ هن دور ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گھٽ ناهي، تنهنڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان نيڪ بڻجي ايمان جي حفاظت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته  پوءِ اڄ ئي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وا بسته ٿي امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو ۽ سُنّتن جون ڌُومون مچائڻ جي لاءِ 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني قافِله“ پڻ آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان ماڻهن جي زندگين ۾ مَدَني انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي