Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

ڪوڙ تي اُڀاريندو آهي۔ ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارو ڪاوڙ کان بچي ناهي سگھندو۔ ٭ تڪبُّر ڪرڻ واري جي دل ۾ مسلمانن جي خير خواهي جو جذبو ناهي هوندو۔ ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارو بدنصيب نصيحت (Advice) قبول ڪرڻ پسند ناهي ڪندو۔ ٭ تڪبُّر جي عادت ان کي نيڪ ڪمن کان پري ۽ بُرن ڪمن تي مجبور ڪندي آهي۔ ٭ تڪبُّر ڪرڻ وارو نيڪ ماڻهن بلڪ بزرگن تائين جي صحبت کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪندو آهي۔ اچو! تڪبّر جي تعريف ٻڌون ٿا:

تڪبر ڇاکي چوندا آهن؟

پاڻ کي افضل، ٻين کي حقير سمجهڻ جو نالو تَڪَبُّر (يعني غرور) آهي۔ جيئن اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”اَلْکِبْرُ بَطَرُ الْحَقِّ وَغَمْطُ النَّاسِ يعني حق جي مخالفت ۽ ماڻهن کي حقير سمجهڻ جو نالو تڪبُّر آهي۔“ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبروبيانه، ص۶۱،حديث:۹۱)

امام راغب اِصفهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا؛ ذٰلِکَ اَن یَّرَی الْاِنْسَانُ نَفْسَہٗ اَکْبَرَ مِنْ غَیْرِہٖ يعني تڪبر اهو آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ٻين کان افضل سمجهي۔ (المُفرَدات للرّاغب، ص۶۹۷)

جنهن جي دل ۾ تَڪبُّر هجي ان کي ”مُتَڪبِّر“ چيو ويندو آهي۔

تڪبُّر کان بچڻ جا طريقا

تڪبُّر کان نجات جي لاءِ عاجزي جون فضيلتون سامهون رکو ۽ اهڙي طرح ”فڪرِ مدينه‘‘ (يعني پنهنجو محاسبو) ڪريو ڇوته جڏهن حشر برپا ٿيندو ۽ هر هڪ پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو ته مون کي به پنهنجي ربِّ جي بارگاھ ۾ پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن تڪبُّر جي ڪري منهنجو رَبّ مون سان ناراض ٿي ويو ۽ مون کي جهنَّم ۾ وڌو ويو ته جهنم جو هولناڪ عذاب ڪيئن برداشت ڪري سگھندس؟ اهڙي طرح پنهنجو محاسبو ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تڪبُّر کان بچڻ ۾ ڪافي مدد ملندي۔

اهڙي طرح تڪبُّر ۽ ٻين بُرائين کان نجات جي لاءِ دُعا جو سهارو وٺو ڇوجو