Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

آهي، اڄ جي بيان ۾ شيطان جي انسان کان دشمني بابت آيتون، حديث سڳوريون، بزرگانِ دين جا واقعا ۽ شيطان جي وار کي ناڪام بڻائڻ جا طريقا  به ٻڌنداسين۔ ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اچو! سڀ کان پهريان شيطان جي انسان سان دشمني جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

شيطان لعين جي شر کان محفوظ رهڻ:

       هڪ ڀيري ولين جي سردار حضور غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُسفر ڪري رهيا هئا، ان دوران ڪجھ ڏينهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُهڪ اهڙي هنڌ تي ترسيا جتي پاڻي نه هو، جڏهن غوث پاڪ کي اُڃ جي شدت محسوس ٿي ته برسات ٿيڻ لڳي جنهن مان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُڍؤ ڪري پاڻي پيتاؤن، پوءِ غوث پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آسمان تي هڪ نور ڏٺائون جنهن سبب هڪ ڪنارو روشن ٿي ويو ۽ هڪ شڪل ظاهر ٿي ان مان آواز آيو: ” اي عبدالقادر! مان تنهنجو رب آهيان ۽ مون توتي حرام شيون حلال ڪري ڇڏيون آهن“ اهو ٻڌي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اَعُوْذُ بِاللّٰه مِنَ الشَيطٰنِ الرَّجِيم پڙھي فرمايائون:’’اي شيطان لَعِين! پري ٿي وڃ۔“ ته روشن ڪنارو انڌيري ۾ بدلجي ويو ۽ اها شڪل دُونهون بڻجي وئي. وريِ شيطان هيئن وار ڪيو: اي عبدالقادر! توهان مون کان پنهنجي علم، پنهنجي رب جي حڪم ۽ پنهنجي رتبن جي سلسلي ۾ سمجھ ۽ عقل جي ذريعي نجات ماڻي آهي ۽ مون هن طرح (70) مشائخن کي گمراه ڪيو آهي“ انسان جي دشمن شيطان جي هن وار کي به اسان جي غوثِ پاڪ هي فرمائي ناڪام بڻايائون: ’’اهو صرف منهنجي رب جو فضل ۽ احسان آهي“ جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان پڇيو ويو ته اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته اهو شيطان آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمايائون: ان جي هن ڳالھ سبب مون ان کي سُڃاڻي ورتو”بيشڪ مون تنهنجي لاء حرام شين کي حلال ڪيو آهي“۔ (صراط الجنان، ۵/۲۷۱ بتغير قليل )

      اي عاشقانِ غوثِ اعظم! بيان ڪيل واقعي مان اهو مَعلُوم ٿيو ته شيطان لعين عام انسانن کان ته دشمني رکندو ئي آهي پر الله وارن سان ان جي دشمني