Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

آهي۔ اسان کي به گھرجي ته مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو پاڻ به مُطالَعو ڪريون ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريون، ورهائڻ جو سلسلو به جاري رکون ۽ ٿي سگھي ته نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي نيت سان تحفن (Gifts) ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڏيندا رهون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو ته! شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مدني گل“ سرمو پائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا. فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ۽ پنڀڻ وڌائي ٿو“۔ (ابن ماجہ، حديث 3497 ج 4 ص 115) ٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 359) ٭ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مِراٰةُ المناجيح ج 6 ص 180) ٭ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ (شعب الايمان ج 5 ص 218، 219) اهڙي طرح ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ ٭