Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

ڪوشش ڪندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن حسد جا ڪنڊا دِل ۾ هڻي جهنم جي باھ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن تڪبُّر ۾ مبتلا ڪري پنهنجي ازلي دُشمني جو نشانو (Target) بڻائيندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن حُبِ جاه (يعني واه واه جي خواهش) جي هوس ۾ گرفتار ڪرائي نيڪين کي ضائع ڪرائيندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن مسلمان جي دل ۾ ٻين جو بُغض ۽ ڪينو (يعني دل جي لڪيل دُشمني) پيدا ڪري پنهنجو ڪم ڪڍندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن ماءُ پيءُ جي نافرماني تي اُڀاري دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ڪرائيندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن بيمارين تي بي صبري ۽ واويلا ڪرائي صبر جي بي حساب ثواب کان محروم ڪرائيندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن نمازن کان ٭ ڪڏهن فرضن کان ٭ ڪڏهن فرض ۽ لازم علم دِين کان پري ڪندو آهي ٭ شيطان ڪڏهن تِلاوتِ قرآن کان روڪيندو آهي ته ٭ ڪڏهن نيڪ عمل ڪرڻ ۾ سُستي ڏياريندو آهي۔ مطلب ته! شيطان پنهنجي دشمني ڪڍڻ جي لاءِ طرح طرح سان اِنسان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ اسان کي ان جي هر وار کان هوشيار رهڻ گھرجي۔

شيطان جي خلاف جنگ                            جاري رهندي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اچو! سڀ کان پهريان شيطان جي هڪ هٿيار ”رياڪاري“ جي بابت ٻڌون ٿا۔

 شيطان جو هڪ هٿيار ”ريا ڪاري“

      هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوّل ته شيطان اسان کي نيڪيون ڪرڻ ناهي ڏيندو ۽ جيڪڏهن اسان خُوب ڪوشش ڪري نيڪ عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃون ته شيطان اسان جي عِبادت کي، صدقن ۽ خيراتن کي مَقبول ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پنهنجو پورو زور لڳائيندو آهي ۽ اسان جي عِبادت ۾ ڪا اهڙي غَلَطي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا ان جي عبادت کي ضائع ڪري ڇڏي يا وري عِبادَت کان بعد اسان جي دل ۾ مشهور ٿيڻ جي خواهش