Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

       حُجَّةُ الاسلام حضرتِ سيدُنا امام محمد بن محمدغزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون ماڻهن تي نگاھ وڌي، ته انهن کي هڪ ٻئي سان ڪنهن مقصد ۽ سبب جي ڪري عَداوت ۽ دُشمني ڪندي ڏٺو ۽ مون الله پاڪ جي هن مقدس فرمان ۾ خوب غور ڪيو ته:

اِنَّمَا یُرِیْدُ الشَّیْطٰنُ اَنْ یُّوْقِعَ بَیْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ (پ 7 المائدة نَکُمُ 91)                 

ترجموڪنزالايمان: شيطان ته اهو گُهري ٿو توهان ۾ وير ۽ دُشمني وجهي ڇڏي

      ته مون کي معلوم ٿي ويو ته شيطان کان علاوه ٻي ڪنهن سان دُشمني درست ناهي۔ (بيٹے ڪو نصيحت ،۳۲)

وڙهڻو آهي ته نفس ۽ شيطان سان وڙهو

           تنهنڪري اسان کي گھرجي ته لڙائي جهيڙي کان بچندي شيطان جي هن هٿيار کي ناڪام بڻايون ۽ پنهنجي مسلمان ڀائرن سان محبت ۽ ڀائچارو قائم ڪيون ۽ حُسنِ اخلاق ۽ نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچون۔ ياد رکو! جهيڙي جو هڪ سبب اِعتِراض به آهي، اهو اِعتِراض ئي جهيڙو آهي ۽ انهيء اِعتِراض براءِ اِعتِراض کان پوءِ ئي ڳالھ بگڙجندي آهي ۽ لڙائي جھيڙي ۽ قتل تائين نوبت وڃي پهچندي آهي، تنهنڪري جڏهن به ڪنهن جي اِصلاح مقصود هجي يا ڪنهن مُعامَلي ڏانهن توجُّه ڏيارڻ جو اِرادو هجي ته اِعتِراض (Objection)وارو رَوَيو اپنائڻ بدران سمجهائڻ وارو انداز اِختِيار ڪريو۔ نرمي سان ۽ عليحدگي ۾ ان کي ان جي عيب تي آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔ ٻين جي اڳيان مسلمان ڀاءُ جي اِصلاح ڪرڻ ان کي ذليل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي نگاهن ۾ ڪيرائڻ جي ماند آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳالھ عزّتِ نَفس تي اچي ويندي آهي۔ پوءِ سامهون وارو لڙائي ڪري بدلو وٺڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، تنهنڪري ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪريو ۽ نرمي ۽ محبت ۽ صبر سان ڪم وٺو ٭ ها جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته مَردُود شيطان سان وڙهو، ٭ جيڪڏهن