Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

تڪريم جا جيترا به ڪم آهن سڀئي اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سُرمو لڳايو پوءِ کاٻي اک ۾۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ   آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو”ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي۔ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته ڪهڙن ڪمن ۾ ڪوشش ڪرڻ گھرجي، مسلسل ڪوشش ڪيتريون وڏيون وڏيون ڪاميابيون ڏياري سگھي ٿي، دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ماڻڻ جي لاءِ اطاعتِ والدين جي ڪوشش ڪرڻ ڪيتري ضروري آهي، ان سان گڏ مزيد ڪيئي سبق آموز واقعا ۽ مدني گل به آئنده هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ بيان ڪيا ويندا. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد