Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

اهم مدني گل، حڪايتون، روايتون هن رسالي ۾ پنهنجون بهارون لٽائي رهيون آهن۔ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ، علم ِ دين حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر ڪريو ته جيئن ثواب به ملي، مدني قافلي ۾ سفر سان ڪڏهن ضمناً دُنياوي فائدا به حاصل ٿيندا آهن۔ اچو! ترغيب لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

پُراڻي مَرض مان شفا ملي

باب المدينه(ڪراچي) جي عَلائقي ناظِم آباد جي رهائشي هڪ وڏي عمر جو اسلامي ڀاءُ تقريباً 19 سالن کان ساھ جي مَرَض ۾ مُبتَلا هو۔ ڪڏهن ڪڏهن بيماري جي شِدَّت جي ڪري ان کي گھڻي تڪليف ٿيندي هئي، ڪڏهن ته آڌي رات جو طبيعت بگڙجي ويندي هئي ته انهيء وَقت ڊاڪٽر (Doctor) وٽ وڃڻو پوندو هو۔ مطلب ته عِلاج ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي ويندي هئي۔ اُن جي خوش قسمتي جو هڪ ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سفر جي سعادت حاصِل ڪيائين، مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان جتي اُنهن جا ڏينهن ۽ رات عبادتِ الٰهي ۾ گذريا، عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اتي ٻيون بَرڪتون به نصيب ٿيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلي جي دوران اُنهن کي نه ئي اِنجڪشن جي حاجت پيش آئي ۽ نه ئي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو بلڪ اتي اهڙو اِطمينان ۽ سُڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان اُنهن جي 19سال پُراڻي مَرَض ۾ واضح ڪمي ٿي وئي۔

دور بیماریاں اور پریشانیاں                                                  ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شيطان ڇو مَردُود ٿيو   

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شيطان لعين جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته هو