Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

تمام گهڻي هوندي آهي ۽ انهن کي ورغلائڻ جي لاءِ طرح طرح جا حِيلا بهانا ڪندو آهي، ڪيئي ڀيرا ناڪام ٿيڻ جي باوجود به مايوس ناهي ٿيندو جيئن ته بيان ڪيل واقعي ۾ پيرانِ پير، روشن ضمير، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي هستي کي ورغلائڻ جي لاءِ اهو حِيلو ڪيائين ته مون تنهنجي لاءِ حرام شين کي حلال ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻ ان جي هن وار کي ناڪام بڻائي ڇڏيائون۔

اها به خبر پئي ته ڪو شخص ڪيتري ئي مرتبي وارو بزرگ ڇو نه هجي، چاهي اهو پير ۽ فقير هجي يا عالم ۽ ولي هجي، ان تي الله پاڪ جون لازم ڪيل عبادتون معاف ناهن ٿينديون۔ ٿورو سوچيو! ته مخلوقات ۾ سڀ کان وڏو رتبو ڪنهن جو آهي؟ يقيناً پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جوئي آهي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙا نمازي هئا جو سندن مثل ڪو نمازي ٿي ئي نٿو سگھي، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙي عبادت وانگر ڪو عبادت ڪرڻ جو گمان به نٿو ڪري سگھي۔ انهن تي ته تهجد به فرض هئي، توڙي جو پاڻ مالڪِ شريعت آهن، پر ربِّ ڪريم جا احڪام پورا ڪيائون۔

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! شيطان انسانن جو کليو دُشمن آهي، هن ڳالھ بابت الله پاڪ سيپاري 15 سُوْرَهٔ بني اسرائيل آيت نمبر 53 ۾ فرمايو آهي:

اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوًّا مُّبِیْنًا(۵۳)

ترجمو: بيشڪ شيطان انسان جو کليو دشمن آهي.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي! شيطان انسان جو کليو دشمن آهي۔ شيطان هن دشمني جي اظهار جي لاءِ ڪيئي طريقا ۽ هٿيار استعمال ڪندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن رِياڪاري ڪرائي نيڪيون برباد ڪرائيندو آهي۔٭ شيطان ڪڏهن وسوسا وجھي نيڪين ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندو آهي۔ ٭ شيطان ڪڏهن مسلمانن ۾ دُشمني ۽ نفرت وجھي غيبتن، تهمتن جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي۔٭ شيطان ڪڏهن ڪوڙ ڳالهرائي آخرت کي تباھ ڪرائڻ جي