Book Name:Muashry Ki Islaah

عذاب ڏنو پيو ويندو۔ (مساوئ الاخلاق للخرائطي، باب ماجاء في الڪذب وقبح مااتي به اھله، ص: ۷۶،حديث : ۱۳۱،ڪوڙو چور، ص:۱۴)

مشهور بُزرگ حضرتِ سَيدُنا حاتِم اَصَمّ بلخي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان کي اها ڳالھ پهتي آهي ته ”ڪوڙو“ دوزخ ۾ ڪتّي جي شَڪل ۾ بدلجي ويندو۔ (تنبيه المغترين، ص: ۱۹۴، از ڪوڙو چور:۱۰)

خَطاؤں کو میری مِٹا  یاالٰہی                                   مجھے نیک خَصْلت بنا یاالٰہی

مجھے غیبت و چُغلی و بَدگمانی                                   کی آفات سے تُو بچا یاالٰہی

زبان اور آنکھوں کا قُفلِ مدینہ                            عطا ہو پئے مُصْطَفٰے یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو! دُنيا ۾ ڏاٺ جو سور نه سهي سگھڻ وارو، آخِرت ۾ ڄاڙي چِيرجڻ تي ٿيندڙ تڪليف ڪيئن برداشت ڪري سگھندو؟ دُنيا ۾ هڪ مڇر جي ڏنگ تي بيقَرار ٿيندڙ، ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب قَبر ۾ ٿيڻ واري عذاب کي ڪيئن سهي سگھندو؟ تنهنڪري هن بري عادت کان يڪدم پيڇو ڇڏائڻ گهرجي۔ يقيناً جيڪڏهن معاشري جو هر فرد ڪوڙ ڳالهائڻ کان توبه ڪري ته گھڻي حد تائين معاشري جي اصلاح ٿي ويندي۔ تنهنڪري پنهنجو اهو پڪو ذهن بڻايو ته اڄ کان بعد مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندس۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه۔

دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هر طرح جي گُناهن خاص ڪري ڪوڙ کان بچڻ ۽ سچ جي عادت بڻائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ ياد رکو! بري جي صحبت برو بڻائيندي آهي، ڪو به چور، ڊاڪو، نشو ڪرڻ وارو پيدائشي ايئن ناهي هوندو، بلڪ بري صحبت ان کي ايئن بڻائي ڇڏيندي آهي، سٺي صحبت معاشري جي ڪريل فرد کي اٿاري