Book Name:Muashry Ki Islaah

فيضان جاري ۽ ساري ٿي ويندو، گناهن کان دِل بيزار ٿيندي ۽ فِڪرِ آخِرت سان سُنَّتن جي مُطابِق زِندگي گذارڻ جو به ذِهن بڻجندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

ہمیں عالِموں اور بُزرگوں کے آداب                      سِکھاتا ہے ہر دَم سَدا مَدَنی ماحول

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو مِلیں گی                                 دِلائے گا خَوفِ خُدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(2)جھيڙي جون تباهه ڪاريون

اي عاشقان رسول! اڄ جي معاشري ۾ گناهن ۽ برائين جو رجحان وڌندو پيو وڃي۔ ڪجهه برايون جيڪي اسان جي معاشري ۾ سرِ فهرست آهن انهن مان هڪ  لڙائي جھيڙو به آهي۔ لڙائي جھيڙو شيطاني ڪم آهي۔ جيئن سيپاري 7 سُورَه مائِدَه جي آيت نمبر91 ۾ ارشادِ رحمٰن آهي:

اِنَّمَا یُرِیْدُ الشَّیْطٰنُ اَنْ یُّوْقِعَ بَیْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ (پ۷،المائدۃ:۹۱)        

ترجمو ڪنزُ الايمان: شيطان ته اهو گهري ٿو توهان ۾ وير ۽ دشمني وجهي ڇڏي.

هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته دشمني بغض ۽ لڙائي جھيڙي کي وڌائڻ شيطان جي خواهشن مان آهي۔ اڄ اسان جيڪڏهن پنهنجي معاشري ڏانهن نگاھ ڪيون ته اسان جو ضمير هن ڳالھ جي گواهي ڏيندو ته اڄ شيطان پنهنجي هن وار ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، مثال طور ٭ ڪٿي ذات قوم تي جھيڙو ٿي رهيو آهي ته ڪٿي تَعَصُّب سبب گوليون هلي رهيون آهن ۽ لاش کڄي رهيا آهن، ٭ ڪٿي اِداري وارن سان گارگند جو سلسلو آهي ته ڪٿي استادن شاگردن ۾ رنجش آهي، ٭ ڪٿي زال مڙس ۾ جھيڙو زور پڪڙيندو پيو وڃي ته ڪٿي سس ننهن ۾ تڪرار جاري آهي، ٭ ڪٿي دڪاندار ۽ ڪاروباري پارٽنر هڪ ٻئي جو ڳلو گُهٽي رهيا آهن ته ڪٿي مالڪ