Book Name:Muashry Ki Islaah

آهيو. (الزواجرعن اقتراف الڪبائر، مقدمة في تعريف الڪبيرة، خاتمة في التحذير۔۔الخ، ۱/۲۷) تنهنڪري پهرين ڳالھ ته    هيءَ آهي جو ايترو علم هجي جو ٻانهو ظاهري ۽ باطني گناهن کي ڄاڻي سگهي. ظاهري ۽ باطني گناهن جي ضروري معلومات هئڻ به فرضن ۽ لازم علوم مان آهي. ٻين لازم علومن وانگر هن جي به معلومات لازم آهي. وڌيڪ جيڪڏهن گُناھ جو اِرادو ڪرڻ وقت اسان جي اها مدني سوچ بڻجي وڃي ته مان جنهن رَبِّ ڪريم جي نافرماني ڪري رهيو آهيان هو ته مون کي هر وَقت هر حال ۾ ڏسي رهيو آهي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن طرح ڪافي حد تائين گُناهن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿي ويندو۔ گُناهن کان نَفرت ڪرڻ ۽ ڇُوٽڪارو ماڻڻ جو هڪ بهترين ذَرِيعو ڪنهن چڱي ماحول سان وابسته ٿيڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي هن پُرفِتَن دَور ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول، الله پاڪ جي عظيم نعمت آهي۔ اوهان به هن مهڪندڙ مُشڪبار مدني ماحول سان هر دَم وابسته رهو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون حاصل ٿينديون ۔

دعوتِ اسلامي ۽ معاشري جي اصلاح

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تَحريڪ دَعوتِ اِسلامي اِصلاحِ اُمَّت ۽ اصلاحِ معاشري جي لاءِ هر دَم ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن تَحريڪ سان وابَسته ڪجھ مُبَلِّغ اَشڪبار اکين ۽ عاجِزِي ۽ اِنڪسَاري سان نيڪي جي دَعوَت ڏئي بگڙيل انسانن جي اِصلاح جي ڪوشِش جو سبب بڻجندا آهن۔ يقيناً انهن جهڙن مُخلِص مُبَلِّغن جي اِنفِرادي ۽ اِجتِماعي ڪوشِشن جو ئي ته صَدَقو آهي جو اڄ معاشري ۾ سُنَّتن جون مدني بَهارون عام آهن، ڪل تائين جيڪي ڪفر جي اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيا هئا، معاشري جا نَاسُور سمجھيا ويندا هئا، وَالِدَين جا نافرمان هئا، فيشن جا شيدائي هئا، بَد عقيده، گُلوڪار ۽ فَنڪار هئا، حَرام خوري ۽ عِشقِ مَجازي جي آفت ۾ گِرِفتار هئا، اَلغَرَض طرح طرح جي گُناهن جي دَلدَل ۾ ڦاٿل هئا، پر جڏهن اُمَّت جي اصلاح جو دَرد رکڻ وارن مُخلِص دعوتِ اِسلامي جي مُبَلِّغن خَوْفِ خُدا سان لبريز انهن کي فِڪرِ آخِرت