Book Name:Muashry Ki Islaah

چغلي وانگر گارگند به اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ برن ڪمن مان هڪ آهي، ان سان به فتنو ۽ فساد پيدا ٿيندو آهي، مثال طور پاڻ ۾ نفرتون پيدا ٿينديون آهن، خون خرابو، جھيڙا ۽ کوڙ ٻيون تباھ ڪاريون ظاهر ٿينديون آهن۔

 نبي ڪريم ،رؤف رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ''مسلمان کي گار ڏيڻ پاڻ کي هلاڪت ۾ وجھڻ جي مترادف آهي۔'' (الترغيب والترھيب، ڪتاب الادب ،، ۳/۳۱۱، الحديث:۴۲۶۳) اهڙي طرح حسد به نهايت بري خصلت ۽ وڏي گناھ سان گڏوگڏ معاشري کي خراب ڪرڻ وارو ڪم آهي۔

حسد جي تعريف: ڪنهن وٽ ڪا نعمت ڏسي تمنا ڪرڻ ته ڪاش! هن کان اها نعمت کسجي مون کي ملي وڃي حسد چورائيندو آهي. (بُرے خاتمے کے اسباب،ص۱۳ ملخصاً) حاسد جي سڄي زِندگي ساڙ ۽ گهٻراهٽ جي باھ ۾ سڙندي رهندي آهي ۽ ان کي چين ۽ سڪون نصيب ناهي ٿيندو، حسد نيڪين کي اهڙي طرح کائي ويندو آهي جيئن باھ ڪاٺيءَ کي۔ ايئن ئي تڪبُّر (Arrogance)کي ڏٺو وڃي ته ان جي سبب الله پاڪ ۽ رسولِ اڪرم، نبي مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي، مخلوق جي بيزاري، ميدانِ محشر ۾ ذلّت ۽ رُسوائي، رَبّ جي رحمت ۽ جنتي اِنعامن کان محرومي ۽ جهنَّم جو حقدار بڻجڻ جهڙن وڏن وڏن نُقصانن جو انديشو ٿي سگھي ٿو۔

تڪبر جي تعريف: پاڻ کي بهتر ۽ ٻين کي بيڪار سمجهڻ جو نالو تڪبر آهي.(تڪبر، ص16) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ''جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو به تَڪبُّر هوندو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو۔'' (مسلم،ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبروبيانه، الحديث:۲۶۶،ص۶۱)

ڪنهن جي نافرماني ڪريو ٿا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان اهي گُناھ معاشري ۾ ڪهڙين ڪهڙين بُرائين کي جَنم ڏين ٿا۔ لهٰذا گُناھ چاهي ننڍو هجي يا وڏو ان کان بچڻ ۾ ئي عافيت آهي جيئن ته حضرت سَيدُنا بلال بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: گُناھ جي ننڍي هئڻ کي نه ڏسو بلڪ اهو ڏسو ته توهان ڪنهن جي نافرماني ڪري رهيا