Book Name:Muashry Ki Islaah

چئي به وٺون پر ان کان بچڻ جي ڪوشش نٿا ڪيون۔ اهڙي طرح ڪجهه برايون اهڙيون هلاڪ ڪرڻ واريون هونديون آهن جو معاشرو انهن جي ڪري تباهي جي سمنڊ جي گِهرائي ۾ ڪرندو ويندو آهي، پر شايد اسان کي انهن برائين جي سڃاڻپ تائين ناهي ٿيندي. ڇا اسان ماڻهن جا حق ڄاڻون ٿا؟ ڇا اسان ماءُ پيءُ جي حقن جي معلومات رکون ٿا؟ اولاد جا اهي حق جيڪي ماءُ پيءُ تي لازم ٿين ٿا، ڇا اسان کي معلوم آهن؟ سس ننهن جا مسئلا ته گهر گهر ۾ اسان ٻڌندا آهيون، پر ڇا اسان غور ڪيو ته اسان کي غيبت، چغلي، شماتت، بدگماني، بدگوئي، جو مطلب به معلوم آهي؟ جڏهن اسان پنهنجي مٿان لازم ضروري علم کان ئي دور هونداسين ته انهن برائين سان ڪيئن بچنداسين؟

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! برائي انفرادي هجي يا اجتماعي، هر سطح تي ڪئي ويندڙ برائي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪندي آهي۔ معاشري جي اصلاح جي لاءِ ضروري آهي ته هر فرد اهو عهد ڪري ته هر حالت ۾ گناهن کان بچندو، اڪيلائي ۾ به ۽ سڀني جي سامهون به۔ ڪجهه گناھ ۽ برائيون اهي آهن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ گھڻيون عام ٿي چڪيون آهن ۽ معاشري جي تباهي ۽ بربادي ۾ انهن جو وڏو ڪردار آهي۔ پر افسوس! جو انهن برائين جو نشو اهڙو آهي جو هڪ شخص اهي برايون ڪندي وقت اهو سوچي رهيو هوندو آهي ته ان سان ڪجھ نه ٿيندو، ان سان ڪنهن جو ڇا بگڙجندو، ان سان ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿيندو۔ پر حقيقت ۾ اهي برايون نه صرف ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ بلڪ سڄي معاشري جي تباهي جو سبب بڻجي رهيون هونديون آهن۔ جيڪڏهن اهڙين ڪجھ برائين کي قابو ڪيو وڃي ۽ معاشري جو هر فرد انهن کان بچڻ جو ذهن بڻائي وٺي ته اهو بيمار معاشرو هڪ صحت مند معاشري ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو۔

(1) ڪوڙ جون تباھ ڪاريون