Book Name:Muashry Ki Islaah

مذاڪرو هجي، ڪثير عاشقانِ رسول سندن بيان ۽ رنگ برنگي مدني گلن سان مستفيض ٿيندا آهن، مدني چينل، انٽرنيٽ ذريعي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو تعداد ان کان علاوه آهي۔ صرف اهو ئي نه، بلڪ سندن بيان ۽ مدني مذاڪرا مدني چينل جي ذريعي گھرن، دڪانن (Shops)، مسجدن، جامعات وغيره ۾ به نهايت شوق سان ٻڌا ويندا آهن۔ انهن بيانن کي مڪتبة المدينه شايع ڪندو آهي۔ سندس جو اندازِ بيان تمام سادو ۽ آسان ۽ سمجھائڻ جو طريقو اهڙو همدردي وارو هوندو آهي جو ٻڌڻ واري جي دل ۾ لهي ويندو آهي۔ لکين مسلمان سندن جي بيانن جي برڪت سان توبه ڪري سڌي واٽ تي اچي چڪا آهن۔ اچو! پاڻ  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي بيان جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

نمازي ڊاڪو  

      باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ ذمه دار اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي منهنجو هڪ دوست تمام گھڻو ماڊرن، جوا ۽ شراب جو عادي ۽ گناهن تي وڏو دلير هو۔ ڪنهن طرح مڙندو نه هو، هڪ ڀيري باب المدينه کان ڪولمبو روانگي مهل، مون ان جي سامان ۾ اميراهلسنت جي سنتن ڀري بيان جي ڪيسٽ ''نمازي ڊاڪو'' وجھي ڇڏي۔ ڪولمبو پهچي ان بيان ٻڌو۔ امير اهلسنت جا لفظ تاثير جو تير بڻجي ان جي جگر ۾ سمائجي ويا۔ ان بيان جي برڪت سان ان ۾ حيرت انگيز طور تي مدني انقلاب اچي ويو۔ ايستائين جو ان ڏاڙھي ۽ سبز سبز عمامي شريف جو مدني تاج مستقل طور تي سجائي ورتو۔ دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ مشغوليت اختيار ڪري ورتي ۽ امير اهلسنت سان بيعت ٿي ڪري عطاري ٿيڻ جي سعادت به ماڻي ورتي۔ (تعارف امير اهلسنت،۲۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو فيضان

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنَّت، حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمدالياس عطار قادري رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي جڏهن نيڪي جي