Book Name:Muashry Ki Islaah

جا ٻه ايمان افروز واقعا اسان به ٻڌون ٿا:

(1)ظلم ڪرڻ واري کي به دعا ڏنائون

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”اِحياء العلوم“ جلد 3، صفحي نمبر 216 تي آهي: هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪنهن ريگستان ڏانهن وڃي رهيا هئا ته اتي پاڻ کي هڪ سِپاهي (Soldier) مليو، ان چيو توهان غلام آهيو؟ فرمايائون: ها! ان چيو: ڳوٺ ڪهڙي پاسي آهي؟ پاڻ قَبرِستان ڏانهن اِشارو ڪيائون۔ سِپاهي چيو: مان ڳوٺ جي باري ۾ پڇي رهيو آهيان۔ فرمايائون: اهو ته قبرستان ئي آهي۔ اهو ٻڌي ان کي ڪاوڙ آئي ۽ ان دُرو سندن مٿي تي هڻي زخمي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي شهر ڏانهن وٺي ويو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ساٿين ڏٺائون ته سِپاهي کان پڇا ڪيائون: هي ڇا ٿيو؟ سِپاهي معاملو بيان ڪيو۔ اُنهن سپاهي کي ٻڌايو هي ته (وقت جا وَلي) حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔ اهو ٻڌي هو گھوڙي تان لٿو ۽ پاڻ جا هٿ چُمندي مَعذِرَت ڪرڻ لڳو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو ويو: اوهان اهو ڇو چيو ته مان غلام آهيان۔ فرمايائون:ان (سپاهي) مون کان اهو نه پڇيو ته توهان ڪنهن جا غلام آهيو؟ بلڪ صِرف اهو پڇيائين ته توهان غلام آهيو؟ ته مون چيو: ها! ڇوته مان ربِّ ڪريم جو غلام (يعني ٻانهو) آهيان۔ جڏهن ان منهنجي مٿي تي هنيو ته مون الله پاڪ کان ان جي لاءِ جنّت جو سُوال ڪيو۔ عَرض ڪيو ويو: ان اوهان تي ظُلم ڪيو ته اوهان ان جي لاءِ دعا ڇو گھري؟ فرمايائون: مون کي اهو معلوم هو ته تڪليف برداشت ڪرڻ تي مون کي ثواب ملندو تنهنڪري مون اهو مناسب نه سمجھيو ته مون کي ته ثواب ملي ۽ هو عذاب ۾ گرفتار ٿي وڃي۔ (احياء العلوم ،۳/۲۱۶ملخصاً)

(2)معاف ڪرڻ قدرت کان بعد ئي هوندو آهي!

حضرت سَيدُنا مَعمَر بن راشِد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَيان ڪن ٿا ته هڪ شخص حضرت سَيدُنا قَتاده بن دِعامه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صاحبزادي کي زوردار چماٽ