Book Name:Muashry Ki Islaah

۽ آباد ملڪن، شهرن، نسلن، قومن، گھرن، خاندانن، ادارن ۽ تنظيمن جو اَمن تباھ برباد ڪرڻ ۽ دلين ۾ نفرتن جو ٻج پوکڻ ۾ اڪثر لڙائي جھڳڙن جون تباھ ڪاريون ئي شامل هونديون آهن۔ يقيناً جيڪڏهن اسان قُرآني اَحڪام کي نظر انداز نه ڪريون ها، جيڪڏهن اسان رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فَرمانن تي عمل پيرا ٿيون ها، جيڪڏهن اسان پنهنجي بُزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين جي اِرشادن مان نصيحت جا مَدَني گل چُونڊيون ها، جيڪڏهن اسان عُلَماءِ حق جي دامنِ ڪرم سان وابسته رهون ها، جيڪڏهن اسان لڙائي جھيڙن جي تباھ ڪارين کي اکين آڏو رکون ها ته اڄ اسان جو معاشرو به اَمن ۽ سڪون وارو هجي ها۔

اچو! لڙائي جھيڙن جي تباھ ڪارين تي مُشتَمِل چار (4) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عبرت جا مَدَني گل چونڊيو:

جھيڙي جھٽي جي مذمت تي 4 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

(1)        فرمايائون: الله پاڪ وٽ سڀ کان ناپسنديده شخص اهو آهي، جيڪو تمام گھڻو جھيڙاڪ هجي۔ (بخاري، ڪتاب المظالم، باب قول اﷲ تعالي:وهو الد الخصامِ،۲/ ۱۳۰،حديث:۲۴۵۷)

(2)      فرمايائون: جيڪو شخص اجايو جھيڙو ڪندو آهي، اهو هميشه الله پاڪ جي ناراضي ۾ هوندو آهي، ايستائين جو ان کي ڇڏي ڏي۔

                        (موسوعۃ لابن ابي الدنيا، ڪتاب الصَّمْت وآداب اللِّسان، باب ذم الخصومات،۷/۱۱۱، حديث: ۱۵۳)

(3)      فرمايائون: ڪا قوم هدايت تي رهڻ بعد گمراھ ناهي ٿيندي پر جھيڙن جي سبب ۔                    (ترمذي ، ڪتاب التفسير، باب ومن سورة الزخرف،۵/ ۱۷۰،حديث :۳۲۶۴)

(4)      فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي، جيستائين هو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي۔       

                                            (موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)

اميراهلسنت، باني دعوت اسلامي ڪيتري پياري انداز ۾ امتِ مسلمه جي