Book Name:Muashry Ki Islaah

مهيني اوهان جي انفرادي ڪوشش سان گھٽ مان گھٽ هڪ اسلامي ڀاءُ مدني قافلي ۾ سفر ڪيو؟ ۽ گھٽ مان گھٽ هڪ مدني انعامات جو رسالو جمع ڪرايو؟

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(3)معاشري جا مختلف گناهه

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جي شروع ۾ جهڙي طرح اسان ٻڌو ته معاشرو فرد سان بڻجندو آهي، جيڪڏهن هرهڪ فرد پنهنجي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ته معاشرو خود بخود بهتر ٿيندو ويندو۔ معاشري ۾ هن وقت جيڪي گناه ٿي رهيا آهن انهن مان هڪ غيبت به آهي جيڪا معاشري جي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي۔

غيبت جي تعريف: انسان جي ڪنهن اهڙي عيب جو ذڪر ڪرڻ، جيڪو ان ۾ موجود هجي غيبت چورائيندو آهي. غيبت جي نحوست منجهان هي آهي ته اها بُري خاتمي جو سبب آهي، ڪثرت سان غيبت ڪرڻ واري جي دُعا قَبول ناهي ٿيندي، غيبت سان نَماز روزي جي نُورانيت ختم ٿي ويندي آهي، غيبت جي نحوست جو اَندازو هن فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان لڳائي سگھجي ٿو ته ارشاد فرمايائين: اَلْغِيبَۃُ اَشَدُّ مِنَ الزِّنَا يعني غيبت بدڪاري کان وڏو گناھ آهي۔ (الترغيب والترهيب ، ۳، / ۳۳۱ ، حديث:۲۴) اهڙي طرح چغلي جو به معاشري جي تباهي ۾ وڏو ڪردار آهي۔ ان جي ڪري به گھرن جي بربادي، پاڻ ۾ رنجشون ۽ بغض ۽ ڪينو پيدا ٿيندو آهي ۽ اهڙي شخص کي الله پاڪ به پسند ناهي ڪندو.

چغلي جي تعريف: ماڻهن ۾ فساد ڪرائڻ جي لاءِ انهن جون ڳالهيون هڪٻئي تائين پهچائڻ چغلي چورائيندو آهي. (شرح مسلم للنووی، ۲/ ۱۱۲) حديث ِپاڪ ۾ آهي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اهي آهن جن کي ڏسجي ته الله پاڪ ياد اچي وڃي ۽ الله پاڪ جا بُرا ٻانها اهي آهن جيڪي چُغل خوري ڪن ٿا، دوستن ۾ جدائي وجھن ٿا ۽ نيڪ ماڻهن جا عيب (Defect) تلاش ڪن ٿا۔ (مسند احمد، ۶/ ۲۹۱، حديث ۱۸۰۲۰)