Book Name:Muashry Ki Islaah

علامه عبدالغني نابلسي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: حقيقت جي برعڪس (يعني ابتڙ) ڪا ڳالھ ڪئي وڃي ته اها ڪوڙ آهي. (حديقه نديه ،۲/۴۰۰)

افسوس صَد ڪروڙ افسوس! هاڻي ته ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مَعَاذَ الله ڪوڙ کي بُرائي سمجھڻ ئي ڇڏي ڏنو۔ دُنيا ۾ ڪوڙ ڳالهائي ڪجھ روپين جو فائدو کڻڻ، ڪوڙن ڀوڳن چرچن جي ذريعي ٻين کي کلائڻ، ڪوڙا خواب ٻڌائي ٻين جي دِل وندرائڻ، بلڪ ڪوڙا خواب ٻڌائي ٻين سان مال ڪڍڻ، پنهنجي نالي سان گڏ ڪوڙا لقب لڳائي عزت ۽ شُهرت جي مَحبَّت جو سامان ڪرڻ، ڪوڙا بهانا ٺاهي ذميدارين کان پاسيرو ٿيڻ، ڪوڙيون سفارشون ڪري حقدارن جو حق روڪڻ، ڪوڙا قسم کڻي بيڪار مال کي اعليٰ ٻڌائي وڪرو ڪرڻ، ڏيتي ليتي بابت ڪوڙا واعدا ڪري ٻين جي مجبورين سان کيڏڻ، ڪوڙا عُذر ٻڌائي پنهنجي لاءِ ٻين جون همدرديون وٺڻ وغيره اهڙيون ڪوڙ جون ڪيئي صورتون آهن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ ڄڻ ته ملي چڪيون آهن۔ ٿورو سوچيو! جڏهن ترقي ڪرڻ جو راز ڪثرت سان ڪوڙ کي سمجھيو ويندو، جڏهن مال ۾ برڪت ڪثرت سان ڪوڙ کي سمجھيو ويندو ته معاشرو ڪيئن ترقي ڪندو؟ ڪوڙ ڳالهائڻ جي سزا تمام سخت (Frightful) آهي۔

ڪوڙ جي سزا

       جيئن نُور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: خَواب ۾ هڪ شَخص مون وٽ آيو ۽ چيائين: هلو! مان ان سان گڏ هلي پيس، مون ٻه ماڻهو ڏٺا، انهن ۾ هڪ بيٺل ۽ ٻيو ويٺل هو، بيٺل شَخص جي هٿ ۾ لَوھ جو زَنبُور(لوهار جو هڪ قسم جو اوزار) هو، جنهن کي هو ويٺل شَخص جي هڪ ڄاڙي ۾ وجھي ان کي گُدّي تائين چِيري ڇڏيندو هو، پوءِ زَنبُور ڪڍي ٻي ڄاڙي ۾ وجھي چيريندو هو، ايتري ۾ پهرين ڄاڙي پنهنجي اَصلي حالت ۾ موٽي ايندي هئي، مون آڻيندڙ شَخص کان پُڇا ڪئي: اهو ڪير آهي؟ ان چيو: اهو ڪوڙو شَخص آهي، هن کي قِيامت تائين قَبر ۾ اهو ئي