Book Name:Muashry Ki Islaah

هن مدني مقصد جو پهريون ۽ ضروري جز به اهو ئي آهي ته پهريان مون کي پنهنجي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ هن جو بنيادي سبب هي آهي ته جڏهن هر مسلمان پنهنجو اهو ذهن بڻائيندو ته مون کي پنهنجي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي ته معاشري جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ازخود سهارو ملڻ شروع ٿي ويندو۔ پنهنجي پنهنجي تصوير ٺيڪ ڪرڻ سان معاشري جو نقشو ڪيئن صحيح ٿي سگھي ٿو، اچو! ٻڌون ٿا:

پنهنجي تصوير ٺيڪ ڪريو!

      هڪ شخص مطالعي ۾ مصروف هو، ان جي ويجھو پٽ کيڏي رهيو هو، جيڪو هر هر ان کي تنگ ڪري رهيو هو ۽ اهڙي طرح ان جي مطالعي ۾ خلل پئجي رهيو هو، پيءُ پٽ کي ڪيترائي ڀيرا سمجھايو پر ٻار ٿوري دير آرام سان ويهندو هو پر جيئن ڪجهه وقت گذرندو هو اهو وري ڪنهن شرارت ۾ مشغول ٿي ويندو هو ۔ پيءُ ٻار جي شرارتن کان گهڻو پريشان ٿيو،  ايستائين جو ان جي مٿي ۾ سور پئجي ويو۔ نيٺ ان اها ترڪيب ڪئي جو ان پنهنجي ويجهي پيل ڪنهن ملڪ جي نقشي کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي پٽ کي ڏيندي چيو؛ پٽ! ٻئي ڪمري ۾ وڃي هن نقشي کي درست ڪري اچ۔ ٻار ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو ته ان سک جو ساھ کنيو ۽ دل ئي دل ۾ اهو خيال ڪيو ته ٻار جيسيتائين اهو نقشو ٺاهيندو رهندو تيسيتائين مان مطالعو ڪري وٺندس. ڇوته نقشي جي ٽڪرن کي ترتيب ڏيڻ ڪافي مشڪل ڪم هو ۽ ان ۾ ٻار کي گھڻو وقت لڳي سگهيو پئي۔ ٻار نقشو کڻي هليو ويو ۽ پيءُ اطمينان سان مطالعو ڪرڻ لڳو، اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هو ته ٻار اچي چوڻ لڳو؛ بابا! نقشو درست ٿي ويو۔ پيءُ کي تعجب ٿيو ته ايترن ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ڪيئن ڪري آيو؟ ان  ڏٺو ته واقعي نقشو درست بڻيل هو۔ پيءُ پڇيو؛ پٽ! اهو نقشو ايتري جلدي ۾ ڪيئن درست ڪري ورتو؟ ته پٽ ٻڌايو؛ بابا سائين! جڏهن اوهان نقشو ڦاڙيو هو تڏهن مون ڏٺو ته ان جي پٺئين پاسي ماڻهو جي تصوير به هئي تنهنڪري مون نقشو درست ڪرڻ جي بدران ماڻهو جي تصوير کي صحيح ڪيو