Book Name:Muashry Ki Islaah

خيرخواهي ڪندي، لڙائي جهيڙن سان بچڻ جي مدني سوچ ڏئي رهيا آهن ته:

کوئی دُھتکارے یا جھاڑے بلکہ مارے صَبْر کر                                                    مَت جھگڑ ،مت بَڑبَڑا ،  پا  اَجر ربّ سے صَبْر کر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جنت جي اندرئين ڪناري ۾ هڪ گھر

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته انسان جھيڙي جهٽي جي نُقصانن کي پنهنجي پيشِ نظر رکي ۽ لڙائي جهيڙي کان بچندو رهي۔ بالفرض جيڪڏهن ڪو بِلاوَجه اسان سان جھيڙو ڪري به ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙي کان پري رهون۔ نبي اڪرم، نور مجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙو ناهي ڪندو مان ان جي لاءِ جنّت جي (اندرئين) ڪناري ۾ هڪ گھر جو ضامِن آهيان۔ (ابوداود،ڪتاب الادب،باب في حسن الخلق،۴ / ۳۳۲ حديث: ۴۸۰۰)

بُزرگ سڳورا ۽ معاشري جي اصلاح

اي عاشقان رسول! يقيناً حق تي هئڻ جي باوجود جھيڙو ڇڏي ڏيڻ نهايت سٺو ۽ همت جو ڪم آهي۔ پر هي ئي اهو طريقو آهي جيڪو معاشري ۾ لڙائي جھيڙن جي وڌندڙ رجحان کي ختم ڪري سگھي ٿو۔ اسان جي بزرگ سڳورن جو اهو معمول هو ته انهن سان ڪهڙو به برو سلوڪ ڪيو وڃي هو معاف ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪو بدلو نه وٺندا هئا۔ ماڻهو انهن جا حق کسي وٺندا هئا، اهي حضرات ماڻهن جي حقن (Rights) جي ادائيگي کان ڪڏهن غافِل نه ٿيندا هئا، نادان ماڻهو انهن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا هئا پر اهي حضرات اُنهن کي سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ۽ نَفس جي خاطِر غُصّو ڪرڻ بدران انهن کي دعائون ڏيندا هئا ۽ مُعافي سان نوازي ثواب جو خزانو ماڻيندا هئا۔ اهڙي طرح جتي انهن کي معاف ڪرڻ جو ثواب ماڻڻ جو موقعو ملندو هو اتي معاشري ۾ به امن ۽ سڪون جي فضا عام ٿيندي هئي۔ اچو هن قسم