Book Name:Muashry Ki Islaah

هنئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پٽ کي فرمايائون: ”تون به اهڙي طرح هن کي چماٽ هڻ جهڙي طرح ان توکي هنئي آهي ۽ فرمايائون: پٽ! ٻانهون مٿي ڪريو ۽ هٿ بلند ڪري زوردار چماٽ هڻينس۔“ جيئن ئي پٽ ٻانهون مٿي ڪري چماٽ هڻڻ جي لاءِ هٿ بلند ڪيا ته پاڻ ان جو هٿ پڪڙي فرمايائون: ”اسان رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ ان کي مُعاف ڪيو ڇوته چيو ويندو آهي ته مُعاف ڪرڻ قُدرت جي بعد ئي هوندو آهي۔“ (الله والوں ڪي باتيں،۲/۵۱۹)

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اُٹّھیں                                     بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

امير ِاهلسنت ۽ معاشري جي اصلاح

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بزرگانِ دين جي معافي ۽ معاشري جي اصلاح جو جذبو مرحبا! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! بُزرگانِ دين جي صحبت سان تربيتِ يافته شيخِ طريقت، اميراهلسنت باني دعوت اسلامي حضرت علامه و مولانا  محمد الياس عطار قادري رضوي به معاشري جي اصلاح ڪرڻ جي معاملي ۾تمام گهڻا اِيڪِٽِوۡ (Active) آهن۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اصلاحِ معاشره جي لاءِ ڪيئي اهم ڪمن ۾ مصروف آهن، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ماڻهن کي نرمي ۽ محبت سان نيڪي جي دعوت ڏئي گناهن کان روڪڻ جي لاءِ هردم ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ اَميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جتي انفرادي ڪوشش جي ذريعي معاشري جي اصلاح ڪري رهيا آهن، اتي پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي بيانن ۽ مدني مذاڪرن جي ذريعي به معاشري جي اصلاح ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا بيانَ ۽ مدني مذاڪرا تاثير جو تير بڻجي اثرانداز ٿي رهيا آهن۔ سندن جي سنّتن ڀري اِصلاحي بيانن ۽ مدني مذاڪرن کي ٻڌڻ وارن جي شوق جو عَالَم  ڏسڻ جي قابل هوندو آهي۔ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جا سنتن ڀريا اجتماع هجن يا هر هفتي ٿيندڙ مدني