Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
گھرجي ته اسان به نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن طرح پڪارينديون ڪريون، مثال طور: يارَسُوْلَالله، يا حَبِيبَ الله، يا نَبِيَّ الله، يانُورَالله۔ جيئن سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ فرمايو:
لَا تَجْعَلُوْا دُعَآءَ الرَّسُوْلِ بَیْنَكُمْ كَدُعَآءِ بَعْضِكُمْ بَعْضًاؕ- (پ ۱۸، النور:۶۳)
ترجَمَو ڪنزُالايمان: رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ ايئن نه بنايو جيئن توهان مان هڪڙو ٻئي کي سڏي ٿو.
جو اي زيد، اي عمرو۔ بلڪه هن طرح عرض ڪريو: يارَسُولَ الله، يانَبِي الله، ياسَيدَالْمُرْسَلِين، ياخَاتَمَ النَّبِيين، ياشَفِيعَ الْمُذْنِبِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (فتاويٰ رضويه، ۳۰/۱۵۶)
غَيرُالله کان مدد گھرڻ ڪيئن؟
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يادرکو! الله پاڪ کانسوا ڪا به مخلوق چاهي اها ڪيتري ئي تعظيم واري ڇو نه هجي، حقيقي طور تي مدد نٿي ڪري سگھي۔ حقيقي مددگار صرف ۽ صرف الله پاڪ ئي جي ذات آهي۔ جيئن ته الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴) (پ۱، الفاتحة:۴)
ترجمو: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ۽ توکان ئي مدد گهرون
تفسير صراط الجنان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تحت آهي: حقيقي مدد ڪرڻ وارو به تون ئي آهين۔ تنهنجي اجازت ۽ مرضي جي بغير ڪير به ڪنهن جي ڪنهن به قسم جي ظاهري، باطني، جسماني روحاني، ننڍي وڏي ڪا مدد نٿو ڪري سگھي۔ (صراط الجنان،۱/۵۳) البت الله پاڪ جي عطا سان الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به مددگار آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان اهي مدد به ڪن ٿا۔ جيئن ته قرآنِ پاڪ ۾ ارشادِ رباني آهي:
فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَ جِبْرِیْلُ وَ صَالِحُ الْمُؤْمِنِیْنَۚ-وَ الْمَلٰٓىٕكَةُ بَعْدَ ذٰلِكَ ظَهِیْرٌ(۴) (پ۲۸،التحريم:۴)
ترجمو: ته بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبريل ۽ نيڪ ايمان وارا ۽ ان کان پوءِ ملائڪ مدد تي آهن.