Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
آسان بلا، بدن بگڙجڻ ۽ سفيد داغ آهن. (تاريخ البغداد،۸/ ۲۰۴، حديث:۴۳۲۶)
مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه
دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو ”مجلس مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه“ به آهي جيڪو ڏينهن رات پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکويل اُمّت جي غمخواري ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عمل آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ غمخواري اُمّت جي خوشبوئن سان لبريز هن مجلس جي طرفان هر مهيني تقريباً هڪ لک پنجويھ هزار (1,25,000) بيمارن ۽ پريشان حال ماڻهن ۾ ڪم وپيش 4 لک کان وڌيڪ تعويذات ۽ اَورادِ عطّاريه رِضاءِ الٰهي جي لاءِ بلڪل مُفت ڏنا ويندا آهن۔ تعويذاتِ عطاريه جون برڪتون فقط ڪنهن خاص عَلائقي يا شهر تائين ئي مَحدُود نه آهن بلڪه پاڪستان جي سڀني صُوبن جي سوين شهرن ۾ سوين بستا لڳايا پيا وڃن۔
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
خوشبو جون سنتون ۽ آداب
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! خوشبو لڳائڻ جي سنتن ۽ آداب جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان هڪ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: چار شيون نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حيا ۽ خوشبو لڳائڻ۔ (مشڪاةالمصابيح، ڪتاب الطهارة، باب السواڪ،۱/۸۸، حديث:۳۸۲) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تحفو رد نه