Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

۾ڦاٿل  جانورن، پکين ايستائين جو بي جان شين جو به فرياد ٻڌن ٿا، انهن جون ٻوليون سمجھن ٿا ۽ اُنهن جي دَست گِيري به ڪن ٿا،

مشهور مُفسِّرِ قُرآن،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا: حُضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ته عَرَبي ڳالهائين ٿا پر سموريون زبانون  به سمجھن ٿا، ايستائين جو جانورن جون ٻوليون به سمجھن ٿا، ان ڪري اُٺن، جھرڪين (Sparrows) حُضورِ انور، شاھ بحروبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ فرياد ڪيو ۽ انهن جي فرياد رسي ڪياؤن۔ (مرآة المناجيح،۸/۱۱۹بتغير قليل) هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:(حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي) پٿر سلام ڪندا  هئا، ڪاٺي جو ٿڙ استنِ حَنَّانَه حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي فِرَاق (يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جُدائي) ۾ روئي پيو، پاڻ (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي دل جو ڏُک دَرد چيائين ۽ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سڀ ڪجھ سمجھي ورتو۔

اڄ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ هر شخص پنهنجي ٻولي ۾ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سان فرياد ڪري ٿو، ڪو به وچ ۾ ترجمو ڪرڻ وارو ناهي هوندو سڀني جي ٻڌن ٿا سمجھن ٿا، سڀني جي فرياد رَسِي ڪن ٿا، اهو آهي حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو سڀ زبانون ڄاڻڻ جو ثُبُوت۔ (مرآة المناجيح،۸/۳۸) مزيد فرمائن ٿا: حضرت (سَيدُنا) سُلَيمان (عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) صِرف جھرڪين، ڪيلين جي ٻولي سمجھندا هئا، حُضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) شَجَر و حَجر، خُشڪ و تَر تمام مخلوق جي ٻولي ڄاڻن ٿا، حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) حاجت رَوا، مُشڪل ڪشا آهن۔ هي اهو مسئلو آهي جنهن کي جانور به مڃن ٿا۔ (مرآة المناجيح، ۸/۲۳۹)

اچو! هاڻي اسان جانورن جي متعلق اِمدادِ مُصطَفٰي جا ٻه ايمان اَفروز روحاني واقعا ٻڌون ٿيون:

هرڻيءَ جو فرياد

حضرت سَيدُنا زَيد بن اَرْقَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري مان رَحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ مديني جي گھٽين مان گذري رهيو هئس، اسان هڪ اَعرابي جي خيمي وٽان لنگھياسين، جنهن وٽ هڪ هرڻي به ٻڌل هئي۔ هرڻي female deer)) عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي خيمي وارو اَعرابي مون کي شِڪار ڪري کڻي آيو آهي، جڏهن ته منهنجا ٻه (2) ٻچا جنگل