Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

ڏيڻ جي شڪايت ڪئي آهي، تنهنڪري هن سان سٺو سُلوڪ ڪندا ڪيو۔ (دلائل النبوة،ذڪر المعجزات الثلاث التي شهدن …الخ،۶/۲۳)

اپنے مولیٰ کی ہے بس شان عظیم                              جانور بھی کریں جن کی تعظیم

سنگ کرتے ہیں ادب سے تسلیم                               پیڑ سجدے میں گِرا کرتے ہیں

ہاں یہیں کرتی ہیں چڑیاں فریاد                                ہاں یہیں چاہتی ہے ہرنی داد

اِسی دَر پر شُتُرانِ ناشاد                                        گلۂ رنج و عنا کرتے ہیں

ڪلامِ رضا جي وضاحت: پهرين ٻن مِصرعن جو مطلب اهو آهي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ ته جھرڪيون به اچي فرياد ڪن ٿيون، هرڻي مدد طلب ڪري ٿي جڏهن ته اُٺ بُک ۽ غَم جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا۔ ٽئين ۽ چوٿين مِصرعي جو مطلب هي آهي ته اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مديني واري مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري شان ته ڏسو! جانور ان جو احتِرام ڪن ٿا، پٿر ادب سان سلام ڪن ٿا ۽ وڻ انهن کي سجدو ڪن ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٽيلي ٿون جي ترغيب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سُنّتن جي خدمت جي لاءِ سڄي دنيا ۾ مصروفِ عمل آهي، 104 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي نيڪي جي دعوت عام ڪئي پئي وڃي۔ جڏهن ته اڄ جو دور اهڙو آهي جو جنهن ۾ مال ۽ دولت خرچ ڪرڻ بغير ڪو به ڪم ڪرڻ نهايت دشوار آهي۔ ايستائين جو دِين جو ڪم ڪرڻ، دِيني تعليمات کي پکيڙڻ، جامعات ۽ مدرسا هلائڻ ۽ علمِ دين جي فروغ جي لاءِ به گهڻي سرمايي جي قدم قدم تي ضرورت پوندي آهي۔

پياري آقا، ٻنهي جهان جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ غيب نشان آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً)

هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ زمانو اهڙو ايندو جڏهن دِين جي ڪم