Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ نماز جمعه جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي. (بهار شريعت ۱/۷۷۴،حصه ۴ملخصاً) ٭ نَماز ۾ ربّ سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۲۰۷) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ان جي ٻين ماڻهن کي به تلقين ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) v ناخوشگوار بو يعني بد بو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناپسند ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ عورتن جي لاءِ مهڪ جي منع هن صورت ۾ آهي جڏهن ته اها خوشبو اجنبي مردن تائين پهچي، جيڪڏهن اهي گھر ۾ عطر لڳائن جنهن جي خوشبو خاوند يا اولاد، ماءُ پيءُ تائين ئي پهچي ته حرج ناهي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ اسلامي ڀينرن کي اهڙي خوشبو نه لڳائڻ گھرجي جنهن جي خوشبو اُڏامي غير مردن تائين پهچي وڃي. (سنتيں اور آداب ص۸۶) ٭ فرمايائون: عورت جڏهن خوشبو لڳائي ڪنهن مجلس وٽان گذرندي آهي ته اها اهڙي ۽ اهڙي آهي يعني بدڪاري ڪرڻ واري آهي۔ (جامع الترمذي ،ڪتاب الادب ،باب ما جآء في ڪراهية خروج المرأةمتعطرة،۴/۳۶۱،حديث:۲۷۹۵) ٭ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادت ڪريمه هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ”مشڪ“ سرِ اقد س جي مقدس وارن ۽ ڏاڙھي مبارڪ ۾ لڳائيندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ ائير فريشنر جي استعمال کان بچڻ گھرجي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۴)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ
ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع هوندو ”انبياءِ ڪرام جي نيڪي جي دعوت جا واقعا“ جنهن ۾ مختلف انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا واقعا بيان ڪيا ويندا۔ جنهن سان اسان کي معلوم ٿيندو ته حضرت نوح عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام پنهنجي قوم کي ڪيتري عرصي تائين دِين جي دعوت ڏيندا رهيا ۽ سندس قوم پاڻ عَلَيه السَّلَام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي رهي، ان سان گڏوگڏ اهو به بيان ٿيندو ته حضرت