Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
سليمان عَلَيه السَّلَام ڪهڙي بهترين حڪمتِ عملي سان ملڪه سبا کي دِين جي دعوت ڏني ۽ ان ڪهڙي طرح پنهنجي قوم سان گڏجي پاڻ عَلَيه السَّلَام تي ايمان آندائين۔ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام جي فرعون ۽ ان جي قوم کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو واقعو به بيان ڪيو ويندو۔ اسان اهو به ٻڌنديون سين ته اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي دِين جي دعوت ڏيڻ تي ڪيترو ستايو ويو ۽ پاڻ انهن ستائڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو۔ ان سان گڏوگڏ وڌيڪ ڪيئي مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪه اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين اسلامي ڀينرن کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد