Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
۾ موجود آهن، منهنجي ٿڻن ۾ کير گهاٽو ٿي رهيو آهي هي نه وري مون کي ذَبح ڪري ٿو ته جيئن مان هن تڪليف مان نجات ماڻيان ۽ نه ئي مون کي ڇڏي ٿو ته جهنگ ۾ پنهنجي ٻارن کي کير پياري اچان۔ هرڻي جو فرياد ٻڌي سَروَرِ معصوم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن مان تون کي ڇڏي ڏيان ته ڇا تون موٽي واپس ايندينءَ؟ عرض ڪيائين: جي ها! جيڪڏهن مان ائين نه ڪيان ته الله پاڪ مون کي (ناجائز) ٽيڪس وُصول ڪرڻ واري جهڙو عذاب ڏي۔ پوءِ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ڇڏي ڏنو، اها وڏي تيزي ۽ بيقراري سان جهنگ ڏانهن هلي وئي، اڃا ٿوري ئي دير گذري هئي ته اها خوشي خوشي واپس اچي وئي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي خيمي ساڻ ٻڌي ڇڏيو۔ ايتري ۾ اهو اَعرابي به پاڻي جي مشڪ کڻي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويو۔ نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايائون: ڇا اها هرڻي اسان کي وڪڻندو؟ ان عَرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي هديي طور پيشِ خدمت آهي۔ ته پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هرڻي کي آزاد فرمائي ڇڏيو۔
حضرت سَيدُنا زَيد بن اَرْقَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم! مون ان هرڻي کي ڏٺو ته اها جھنگ ۾ تسبيح ۽ ڪلمو پاڪ پڙهندي وڃي رهي هئي۔ (دلائل النبوة،باب ماجاء في ڪلام الظبية …الخ،۶/۳۵)
اُٺ جو فَرياد
حضرت سَيدُنا يعليٰ بن مُرَّه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏجي سفر تي وڃي رهيا هئاسين، اوچتو اسان جو گذر هڪ اهڙي اُٺ وٽان ٿيو، جنهن تي پاڻي جا مشڪيز لَڏيا پئي ويا، جڏهن اُٺ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته اهو آواز ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪنڌ کي جُھڪائي ورتو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان وٽ تشريف کڻي ويا ۽ فرمايائون: هن اُٺ جو مالڪ ڪٿي آهي؟ (ايتري ۾) اهو اچي ويو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: توهان هن کي مون کي وڪڻي ڇڏيو، ان عرض ڪيو بلڪ هي مان اوهان کي تحفي طور پيش ڪيان ٿو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بلڪ ان کي وڪڻي ڇڏيو، ان عرض ڪيو بلڪ تحفي طور پيش آهي، البت اهو اُٺ هڪ اهڙي گھراڻي جو آهي جو جنهن جي روزگار جو ذريعو ان کان ٻيو ڪو ناهي، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بهرحال جڏهن توهان ان جو مُعَامَلو ذِڪر ڪري ئي ورتو آهي ته ٻڌو! هن ڪم گھڻو وٺڻ ۽ گاهه گھٽ